ڪانگو ۾ ايبولا سبب فوتگيون 1600 کان وڌي ويون آهن: صحت جو عالمي ادارو

جنيوا- 04 آگسٽ (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته ڪانگو ۾ ايبولا جي وبا سبب فوتگيون 1600 کان وڌي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اداري جي ترجمان جنيوا ۾ هڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بدقسمتي سان وبا اڃان به پکڙجي رهي آهي. هن چيو ته پهرين آگسٽ تائين ڪُل 3748 ڪيسز جي تصديق ٿي، جنهن ۾ 1657 فوتگيون به شامل آهن. هن چيو …

جنيوا- 04 آگسٽ (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته ڪانگو ۾ ايبولا جي وبا سبب فوتگيون 1600 کان وڌي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اداري جي ترجمان جنيوا ۾ هڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بدقسمتي سان وبا اڃان به پکڙجي رهي آهي. هن چيو ته پهرين آگسٽ تائين ڪُل 3748 ڪيسز جي تصديق ٿي، جنهن ۾ 1657 فوتگيون به شامل آهن. هن چيو ته اسان کي فنڊنگ ۽ ٻين وسيلن جي لحاظ کان ردعمل جي سمورن رخن کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ مدد جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته علاج جي صلاحيت، فيلڊ انويسٽيگيشن ٽيمون محفوظ تدفين جون ٽيمون ۽ ڪميونٽي آئوٽ ريچ جي ڪوششن کي وڌائڻ لاءِ اضافي وسيلن جي ضرورت آهي.