براڊ پيڪ برفاني ڇپ ڪرڻ واري واري حادثي دوران گم ٿي ويل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري

گلگلت- 01 آگسٽ (اي پي پي) براڊ پيڪ جي چوٽيءَ تي برفاني ڇپ ڪرڻ واري واقعي کان پوءِ گم ٿي ويل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ ٻئي ڏينهن به ريسڪيو آپريشن جاري رهيو. سرچ اينڊ ريسڪيو مشن ۾ پاڪستان جي نالي وارن جبل چاڙهن سميت ٻين عالمي ادارن جا جبل چاڙهو پڻ حصو وٺي رهيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي دوران گم ٿي ويل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ جديد …

گلگلت- 01 آگسٽ (اي پي پي) براڊ پيڪ جي چوٽيءَ تي برفاني ڇپ ڪرڻ واري واقعي کان پوءِ گم ٿي ويل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ ٻئي ڏينهن به ريسڪيو آپريشن جاري رهيو. سرچ اينڊ ريسڪيو مشن ۾ پاڪستان جي نالي وارن جبل چاڙهن سميت ٻين عالمي ادارن جا جبل چاڙهو پڻ حصو وٺي رهيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي دوران گم ٿي ويل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ جديد ترين ڊرون ڪيمرائون استعمال ڪيون پيون وڃن، ته جئين خطرناڪ برفاني علائقن ۾ گم ٿي ويل جبل چاڙهن جي نشاندهي ممڪن بڻائي سگهجي. واضع رهي ته ٽن جبل چاڙهن جا لاش ملي ويا آهن جن کي اسڪردو منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 7 اڃا به گم آهن جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. ياد رهي ته 30 جولاءِ تي براڊ پيڪ تي برفاني ڇپ ڪرڻ سبب 10 جبل چاڙهو گم ٿي ويا هئا.

مزید خبریں