راولپنڊي-31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 2026ع ۾ سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ 40348 کان وڌيڪ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيا، 2084 دهشتگرد ماريا، ان دوران بلوچستان ۾ 31080 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ويا، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ 7177 ۽ ملڪ جي باقي حصن ۾ 2091 آپريشن ٿيا. …
سيڪيورٽي فورسز 2026ع ۾ سڄي ۾ ملڪ ۾ 40348 کان وڌيڪ انٽيلي جنس بيسڊ آپريش ڪيا، 2084 دهشتگرد ماريا ويا، بلوچستان ۾ 31080 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ويا: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي پريس ڪانفرنس
راولپنڊي-31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 2026ع ۾ سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ 40348 کان وڌيڪ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيا، 2084 دهشتگرد ماريا، ان دوران بلوچستان ۾ 31080 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ويا، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ 7177 ۽ ملڪ جي باقي حصن ۾ 2091 آپريشن ٿيا. سڄي ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا ڪل 3145 واقعا ٿيا، جن مان 1971 ڪي پي ڪي، 1148 بلوچستان ۽ 26 ملڪ جي ٻين حصن مان رپورٽ ٿيا. ان دوران 2084 دهشتگرد ماريا ويا، اهو تناسب سراسري طور روزاني 10 دهشتگردن کي مارڻ جو آهي جيڪو هن وقت تائين جو سڀ کان وڌيڪ تناسب آهي. جمعي ڏينهن دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آءِ ايس پي آر جي ڊي جي چيو ته سيڪيورٽي فورسز روزانو تقريبن 200 ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪري رهي آهي جيڪو سراسري طور 194 روزانو آهي. هلندڙ سال دوران دهشتگرديءَ جي حملن ۾ 819 پاڪستاني شهيد ٿيا. ان ۾ 303 آرمي جا اهلڪار، 194 جو تعلق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان هو، جن ۾ پوليس ۽ سول آرمڊ فورسز شامل آهن، جڏهن ته 322 عام شهري هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته هلندڙ سال ڪل 28 آپگهاتي ڌماڪا ٿيا. هن چيو ته آپگهاتي بمبارن جي اڪثريت جيئن ته گذريل سال کان ٿيو هو ۽ افغان شهري هئا. هن چيو ته ٽانڪ جي هاڻوڪي واقعي ۾ افغان شهري ملوث هئا ۽ ڪراچيءَ جي واقعي ۾ به افغان شامل هئا، ان لاءِ هي رجحان برقرار آهي. افغان شهري ۽ ايستائين جو انهن جون سيڪيورٽي فورسز سان واڳيل ماڻهو، انهن دهشتگردن ۾ شامل هئا، جيڪي ماريا ويا، پڪڙيا ويا ۽ انهن آپگهاتي بم ڌماڪن ۾ ملوث هئا. گذريل سال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 2025ع ۾ 2597 دهشتگرد ماريا ويا، هن سال هن وقت تائين 2084 دهشتگرد مارجي چڪا آهن جڏهن ته تقريبن اڌ سال، تقريبن 4 کان 5 مهينا اڃا باقي آهن. هن چيو ته دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ جو عمل جهڙيءَ طرح پختو ٿي رهيو آهي جيڪو هاڻ ٿي رهيو آهي ۽ـ ڊليور ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اوهان 2023ع تي نظر وجهندا ته اسان جي شهيدن ۽ مارجي ويل دهشتگردن جو تناسب ناموافق هو، ڇاڪاڻ ته اسان جي اهلڪارن جي قربانين جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ دهشتگردن کي ختم ڪيو ويو. هن چيو ته انهن دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کي هاڻ احساس ٿي ويو آهي ته خوشامد يا ڳالهين جي ڪا گنجائش ناهي. هڪ ڀيرو جڏهن هو اهو سمجهي وٺن ته رياست واضح ڪري ته کين يا ته آئين ۽ قانون آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن يا نتيجن کي مُنهن ڏيڻو پوندو، انهن جي مايوسي واضح ٿي وڃي ٿي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي آپريشنز جي فعال نوعيت دهشتگرديءَ جي خاتمي جي بهتر نتيجن ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هڪ ڄاڻي واڻي بيانيي کي هٿي ڏني پئي وڃي ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته مان ان مسئلي کي ٽن سوالن ۽ ٽن رُخن سان جاچڻ چاهيندس. هي نه صرف بلوچستان لاءِ مخصوص مسئلو آهي پر ان جو تعلق پاڪستان جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال سان پڻ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ هارڊ اسٽيٽ جي تصور جو جواب ڏيندي چيو ته هارڊ اسٽيٽ جو مطلب اهڙي رياست آهي جتي آئين ۽ قانون سڀني تي هڪجهڙو لاڳو ٿئي، جتي سمورا معاملا آئين موجب سختيءَ سان هلايا وڃن ۽ جتي ڪوبه اشرافيه نه هجي. هي هڪ اهڙي رياست آهي جتي قانون سڀني شهرين تي هڪجهڙي طور لاڳو ٿئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سمورا رياستي معاملا آئين ۽ قانون موجب بنا فرق جي هلايا وڃن، جتي اشرافيه ۽ عام شهرين سان هڪجهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ته هي هڪ سخت رياست بڻجي ٿي. اهڙي رياست سلامتي، استحڪام ۽ شڪايتن جي حل کي يقيني بڻائي ٿي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ماڻهو اڪثر شڪايت ڪن ٿا ۽ پنهنجي حقن جو مطالبو ڪن ٿا جن مان گهڻا حقيقي ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته هن زور ڀريو ته بنيادي حقن کان پهرين بنيادي ذميواريون اچن ٿيون. آئين جي آرٽيڪل 5 جو حوالو ڏيندي هن چيو ته هي بنيادي حقن بابت قلمن کان پهرين آهي. ان ۾ چيو ويو ته رياست سان وفاداري هر شهريءَ جو بنيادي فرض آهي ۽ هي آئين ۽ قانون جي اطاعت کي هر شهري جو هر صورت ۾ فرض به بڻجي ٿو، توڙي جو هو ڪٿي به هجي. هن چيو ته آئين واضح طور قائم ڪري ٿو ته هر شهريءَ جي بنيادي ذميداري رياست جو وفادار رهڻ ۽ آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ آهي. ان ذميوارين کي پورو ڪرڻ کان پوءِ ئي حقن تي بحث ٿي سگهي ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اشرافيه جا ڪجهه ماڻهو ۽ ڪجهه قبائلي سردار جمود کي برقرار رکڻ چاهين ٿا، مان ان سڀني جي باري ۾ نه ڳالهائي رهيو آهيان پر اشرافيه ۽ سردارن مان ڪجهه نٿا چاهين ته هڪ عام شهري پڙهي، ترقي ڪري، انجنيئر بڻجي، ڊاڪٽر بڻجي، آرمي ۾ ڀرتي ٿئي، معاشي ماهر بڻجي، زرعي ماهر بڻجي يا ڪاروبار ۾ ڪامياب ٿئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب اها ماڻهو دهشتگرديءَ جا اصل محرڪ هئا ڇاڪاڻ ته کين سماجي ۽ معاشي تبديليءَ جو خدشو هو. هن چيو ته اهي خوفزده آهن ته وقت بدلجي رهيو آهي، جيترو اهي خوفزده ٿيندا اوترو ئي وڌيڪ پريشان ٿي ويندا ۽ اوترو ئي وڌيڪ تشدد جو سهارو وٺن ٿا. ڪم ڪرڻ جو پُراڻو طريقو ختم ٿي چڪو آهي، اسان انهن سان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ نٿا چاهيون. اسان اصل اسٽيڪ هولڊرز بلوچستان جي ماڻهن سان ڳالهائينداسين هو حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ناهن. هن وڌيڪ چيو ته اوهان صرف پنهنجي مفادن ۽ پنهنجي خاندان جي دولت جا اسٽيڪ هولڊرز آهيون، بلوچستان جي ماڻهن جي مفاد ۾ نه . ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙيون ڌُريون واپار جي آڙ ۾ اسمگلنگ ۾ ملوث آهن. هن چيو ته هو ڪاروبار ۽ نام نهاد واپار جي نالي تي اسمگلنگ جا عادي آهن. هو منشيات ۽ ڊيزل آڻين ٿا ۽ ان جي اصل قيمت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وِڪرو ڪن ٿا، جڏهن اهي غير قانوني سرگرميون بند ٿي وڃن ٿيون ته هو دهشتگرديءَ جو سهارو وٺن ٿا ۽ پوءِ دعويٰ ڪن ٿا ته حالتون ضابطي کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن ۽ بلوچستان ترڪي رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪجهه اشرافيه رعايتن ۽ عوامي وسيلن تي ڪنٽرول جو مطالبو ڪري رهيو آهي. هو چون ٿا ته اسان سان ڳالهيون ڪري ۽ اسان جا اجازت ناما بحال ڪريو ته پنهنجا ڪاروبار ٻيهر کوليون ۽ هزار ارب رپين کان وڌيڪ ان بجيٽ جو حصو اسان کي ڏيو پر هاڻ ائين نه هلندو، اوهان اسٽيڪ هولڊرز ناهيو، رقم بلوچستان جي ماڻهن کي ڏني ويندي. هن چيو ته بلوچستان جي اسٽريٽجڪ اهميت ۽ ان جي وسيلن ان کي دشمن جي مفادن جو هدف بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هو ڄاڻين ٿا ته بلوچستان هڪ جاگرافيائي بيهڪ طور تزويراتي آهي هو اهو به ڄاڻين ٿا ته کيس نه صرف باصلاحيت ۽ ترقي پسند انساني وسيلن سان نوازيو ويو پر وسيع قدرتي وسيلن سان به مالامال آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن بلوچستان خوشحال ٿئي ٿو ته پورو پاڪستان ترقي ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح خطو به ترقي ڪندو. ان ڪري ان جي ترقيءَ جي مخالفت ڪن ٿا. هو دهشتگرد گروپن ذريعن سڌيءَ ريت ملوث ٿي وڃن ٿا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته رياست طرفان جن گروپن کي فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج چيو وڃي ٿو ان ۾ اشرافيه ۽ قبائلي سردارن جي ڪجهه ماڻهن وچ ۾ رضامنديءَ سان حصيداري طئي ڪئي وڃي ٿي، جن کي وقت بدلڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته هو پُراڻي سرداري نظام کي برقرار رکڻ چاهين ٿا، هو اهي نوڪر، اهي ذاتي جيلون ۽ اهائي ڪنٽرول جو نظام چاهين ٿا، علائقائي سلامتي جي حوالي سان هن چيو ته ڀارت ۽ افغانستان دهشتگرديءَ جي حمايت ذريعي جُڙيل آهن. هن چيو ته هندستان ۽ افغانستان ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي آهي؟ ان ۾ صرف هڪ شيءِ هڪجهڙي آهي، اها آهي دهشتگردي، سندن سفارتڪاري به دهشتگرديءَ تي ٻَڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ ٻئي ويڙهاڪ گروپ نظرياتي طور مختلف هئا پر انهن جو مقصد گڏيل هو. هن چيو ته هڪ سيڪيولر آهي، هڪ قومپرست آهي ۽ ٻيو هڪ انتهاپسند مذهبي گروهه آهي پر پروپيگنڊا کين متحد ڪري ٿو. گوادر ۾ ترقياتي منصوبن تي روشني وجهندي هن چيو ته 305000 جي آبادي رکندڙ شهر ۾ 3 يونيورسٽيون، 4 ڪاليج، 318 اسڪول، پاڪ چائينا فرينڊشپ اسپتال، هڪ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال، هڪ ٻهراڙي صحت مرڪز، 5 چائلڊ ڊسپينسريون ۽ 19 بنيادي صحت جا يونٽ آهن. هن چيو ته گوادر ۾ هڪ عالمي هوائي اڏو، هڪ گهرو سامونڊي بندرگاهه، ايسٽ بي ايڪسپريس وي، صنعتي ۽ ٽيڪس فري زونز، هڪ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ ڪيترائي ٻيا ترقياتي منصوبا پڻ آهن. تربت جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ان شهر ۾ 2 يونيورسٽيون، 6 تعليمي ڪاليج، ڪيڊٽ ڪاليج، هڪ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج، ڪيترائي اسڪول، 9 سرڪاري طبي سهولتون، هڪ ٽيچنگ اسپتال، 27 پرائيويٽ اسپتال، هڪ عالمي هوائي اڏو ۽ وسيع روڊ ۽ ڪاروباري رابطا آهن. هن چيو ته مون کي ايتري آباديءَ وارو ٻيو شهر ڏيکاريو جنهن ۾ هن سطح جا بنيادي ڍانچه ۽ سهولتون موجود هجن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 1947ع ۾ بلوچستان ۾ صرف 114 اسڪول هئا، جڏهن ته اڄ ان ۾ 15300 اسڪول، 12 يونيورسٽيون، 5 ميڊيڪل ڪاليج، 145 ڪاليج، 13 ڪيڊٽ ڪاليج ۽ 321 ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ آزاديءَ وقت صرف 6 ڊسپينسريون هيون پر هاڻ 13 وڏيون اسپتالون، 18 ٽيچنگ اسپتال، 36 ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال، 56 ٻهراڙيءَ جا صحت مرڪز، 650 ڊسپينسريون، 5 ڪارڊيڪ سينٽر، 8 ٽي بي مرڪز ۽ 24 ڊائلاسز مرڪز آهن. هن وڌيڪ چيو ته 1947ع ۾ بلوچستان ۾ صرف 375 ڪلوميٽر روڊ هئا جڏهن ته اڄ 24400 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ روڊ آهن، جن ۾ 4400 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ هاءِ ويز پڻ شامل آهن. محرومين جي بيانيي تي سوال اُٿاريندي هن چيو ته بلوچستان جي في ڪس ترقياتي بجيٽ 75000 رپين کان وڌيڪ آهي جيڪو سڀني صوبن کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ 45000 رپين کان به گهٽ آهي ته پوءِ ڪهڙي بنياد تي ان محروميءَ جي داستان کي هٿي ڏني پئي وڃي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگرد گروپ مزدورن کي نشانو بڻائي انفراسٽرڪچر تي حملا ڪري ۽ پوءِ اها دعويٰ ڪن ٿا ته صوبي ۾ ڪا ترقي نه ٿي رهي آهي. گم ٿيل ماڻهن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهيءَ ۾ جبري گمشدگين تي انڪوائري جي هڪ مستقل ڪميشن قائم ڪئي آهي. هن چيو ته 2010ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت تائين ڪميشن کي 10901 شڪايتون مليون، ان موجب تفصيلي جاچ سان خبر پئي ته ڪيترين ئي شڪايتن ۾ جبري گمشدگيون شامل نه هيون پر غلط رپورٽ ڪئي وئي هئي. هن چيو ته باضابطه طور 2933 ڪيس داخل آهن. انهن مان 2767 کي حل يا ٽريس ڪيو ويو آهي جڏهن ته 166 ڪيسز تي جاچ جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ به غير حل ٿيل ڪيسز موجود آهن.









