نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران پاڪستان لائيڊز مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي جوائنٽ وار ڪميٽي پاران پاڪستان کي جنگي خطرن جي انشورنس لاءِ لسٽڊ ايرياز جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان

اسلام آباد - 31 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان لائيڊز مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي جوائنٽ وار ڪميٽي (جي ڊبليو سي) پاران پاڪستان کي جنگي خطرن جي انشورنس جي لاءِ لسٽڊ ايرياز جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان ڪري ٿو. اها اهم اڳڀرائي پاڪستان حڪومت جي گڏيل ڪوششن خاص طور تي لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي موثر …

اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان لائيڊز مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي جوائنٽ وار ڪميٽي (جي ڊبليو سي) پاران پاڪستان کي جنگي خطرن جي انشورنس جي لاءِ لسٽڊ ايرياز جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان ڪري ٿو. اها اهم اڳڀرائي پاڪستان حڪومت جي گڏيل ڪوششن خاص طور تي لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي موثر ڪوششن جو نتيجو آهي جيڪا پاڪستان تي وڌندڙ عالمي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. پنهنجي ايڪس پيغام ۾ سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته آئون ان پوري عمل دوران تعميري تعاون تي لائيڊز جا پڻ ٿورا ادا ڪريان ٿو. ان فيصلي سان سامونڊي جهاز راني ۽ انشورنس جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، واپار کي هٿي ملندي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں