وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آذربائيجان جي سفير جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان عهدو ڇڏيندڙ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ نَوان سنگِ ميل پار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ مضبوط ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ سفير خضر فرهادوف جي خدمتن …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان عهدو ڇڏيندڙ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ نَوان سنگِ ميل پار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ مضبوط ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ سفير خضر فرهادوف جي خدمتن کي ساراهيو. علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستاني ڪمپنين ۽ سوڪار وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير، آذربائيجان سان خاص ڪري پيٽروليم ۽ توانائيءَ جي شعبن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ مضبوط اقتصادي رابطا ۽ ايندڙ نسلن لاءِ فائديمند موقعا پيدا ڪرڻ جي گڏيل ويزن تحت ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي سفير پنهنجي مقرريءَ دوران تعاون ۽ مهمان نوازيءَ تي پاڪستاني حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو. ملاقات ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ويجهي ڀائيواري ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ٻه طرفين نين بلندين تائين پهچندو ۽ گڏيل سهڪار نئون سنگِ ميل پار ڪندو.

مزید خبریں