ڪچي تيل، سون، چاندي ۽ جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. پرڏيهي رپورٽ موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جا سيپٽمبر ۾ رسد جا معاهدا 0.72 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 82.87 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ آئل جا سيپٽمبر لاءِ معاهدا 0.40 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 88.63 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. ڪموڊٽي …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. پرڏيهي رپورٽ موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جا سيپٽمبر ۾ رسد جا معاهدا 0.72 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 82.87 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ آئل جا سيپٽمبر لاءِ معاهدا 0.40 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 88.63 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ سون، چاندي ۽ جنسن جي اگهه به گراوٽ جو شڪار رهيا ۽ سون جو اگهه 46.60 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 4114.00 ڊالر في اونس، چانديءَ جو اگهه 0.77 ڊالر جي گهٽتائيءَ سان 58.25 ڊالر في اونس تي اچي ويا. مڪئي جا ڊسمبر لاءِ معاهدا هڪ ڊالر جي گهٽتائيءَ سان 467.50 جڏهن ته ڪڻڪ جا سيپٽمبر لاءِ معاهدا 4.25 ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 659.25 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.

مزید خبریں