ريلوي بابت وفاقي وزير پاران ترڪيه جي ڪانٽريڪٽر جي وفد سان ملاقات، ريلوي جي جديد ڪاري پروگرام ۾ سندن شموليت جي امڪانن تي ڳالهيون

انقره/اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ترڪيه جي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران انقره ۾ ترڪيه جي ڪانٽريڪٽر ايسو سي ايشن (ٽي سي اي) جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ريلوي جي جديد ڪاري پروگرام ۾ ترڪيه جي ڪمپنين جي شموليت جي امڪانن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪ ريلوي جي مختلف منصوبن …

انقره/اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ترڪيه جي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران انقره ۾ ترڪيه جي ڪانٽريڪٽر ايسو سي ايشن (ٽي سي اي) جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ريلوي جي جديد ڪاري پروگرام ۾ ترڪيه جي ڪمپنين جي شموليت جي امڪانن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪ ريلوي جي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري جا مختلف ماڊلز غور هيٺ آيا. ڌرين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، بلڊ، آپريٽ، ٽرانسفر، اي پي سي ۽ ٻين جديد ماڊلز ذريعي سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو. وفاقي وزير ترڪيه جي ڪمپنين کي پاڪستان ريلوي جي وڏن ترقياتي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ شرڪت جي باقاعده دعوت ڏني. ڳالهين دوران ايم ايل ون جي ايندڙ مرحلن ۾ ترڪ ڪمپنين جي فني مهارت مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ ايم ايل ٿري جي جديد ڪاري ۾ ترڪيه جي ڪانٽريڪٽرز لاءِ سهڪار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه اسلام آباد-تهران-استنبول فريٽ ڪوريڊور جي بحالي لاءِ انفراسٽرڪچر ۽ لاجسٽڪس ۾ سهڪار جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو جنهن سبب خطي ۾ واپار ۽ معاشي رابطن کي نئين رفتار ملي سگهي ٿي. ملاقات ۾ ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان ريلوي ڪوريڊور ۾ به ترڪ ڪمپنين جي شموليت جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترڪ اختيارين سان پاڪستان ريلوي جي اسٽيشنن، فريٽ ٽرمينلز ۽ لاجسٽڪس پارڪس ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري جي موقعن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان سان گڏو گڏ ريلوي انفراسٽرڪچر سان ڪمرشل ڊويلپمينٽ ڊويلپمينٽ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو ۽ ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ ڊگهي مدي جي شراڪت داري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني وئي. ملاقات جو هڪ ٻي اهم ڳالهه پاڪستان ريلوي ۾ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ مقامي سطح تي ريلوي اوزارن جي تياري ۾ سهڪار هئي. مسافر ڪوچز، فريٽ ويگنز ۽ ريلوي اوزارن جي مقامي تياري ۾ ترڪ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان ريلوي جي مينوفيڪچرنگ ۽ انجينيئرنگ صلاحيتن کي ترڪيه جي ٽيڪنالاجي ۽ تجربي ذريعي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي زور ڀريو ته ترڪ ڪنٽريڪٽرز جي عالمي سطح تي وڏا انفراسٽرڪچر منصوبا مڪمل ڪرڻ جي مهارت پاڪستان ريلوي لاءِ هڪ اهم موقعو آهي ۽ پاڪستان ريلوي جي جديد ڪاري لاءِ عالمي معيار جي تجربن مان فائدو کنيو ويندو.