سپريم ڪورٽ جي ٽيڪنيڪل وفد پاران چين جو دورو مڪمل، عدالتي ڊجيٽل سڌارن ۽ مصنوعي ذهانت جي جديد نظامن جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج ۽ نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي جي چيئرمين محمد علي مظهر جي قيادت ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽيڪنيڪل وفد عوامي جمهوريه چين جي سپريم پيپلز ڪورٽ جو سرڪاري دورو (26 کان 30 جولاءِ) دوران مڪمل ڪري ورتو آهي جنهن جو مقصد چيف جسٽس پاڪستان جي ڊجيٽل سڌارن جي ويزن تحت ٽيڪنالاجي تي ٻڌل، اثرائتي ۽ عوام دوست انصاف جي نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي اعليٰ …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج ۽ نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي جي چيئرمين محمد علي مظهر جي قيادت ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽيڪنيڪل وفد عوامي جمهوريه چين جي سپريم پيپلز ڪورٽ جو سرڪاري دورو (26 کان 30 جولاءِ) دوران مڪمل ڪري ورتو آهي جنهن جو مقصد چيف جسٽس پاڪستان جي ڊجيٽل سڌارن جي ويزن تحت ٽيڪنالاجي تي ٻڌل، اثرائتي ۽ عوام دوست انصاف جي نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي اعليٰ عدالتي ادارن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هو، وفد ۾ عدالت جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سيڪشن جا آفيسر به شامل هئا. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائي مطابق اهو دورو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سپريم پيپلز ڪورٽ آف چين وچ ۾ عدالتي سهڪار جي جاري فريم ورڪ جو حصو هو. وفد سپريم پيپلز ڪورٽ آف چين جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ جسٽس ۽ ايڊ جوڊيڪيشن ڪميٽي جي مستقل ميمبر ليوگوئي شيانگ، عالمي سهڪار جي شعبي جي ڊائريڪٽر دوان نونگ گين، ايڊ جوڊيڪيشن مينيجمينٽ آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل هي فان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سروس سينٽر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل چن چي وي به شامل هئا. چيني اختيارين وفد کي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل عدالتي ڪارروائي، ڪيسن جي انتظام ۽ عدالتي نظم و ضبط جي جديد نظامن جو عملي مظاهرو به ڪرايو. ٽيڪنيڪل مٽا سٽا جي پروگرام تحت وفد ليگل انفارميشن انٽيليجنٽ اچيومينٽ پريزنٽيشن هال، سپريم پيپلز ڪورٽ جي ڊجيٽل ڪورٽ ليباريٽري، بيجنگ انٽرنيٽ ڪورٽ ۽ شي چينگ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي سروس هال جو دورو به ڪيو، جتي مصنوعي ذهانت، اي فائلنگ، ڊجيٽل عدالتي ڍانچي، ڪيسن جي ذهين انتظام، ڊيٽا تي ٻڌل عدالتي نظم و ضبط ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي عوامي خدمتن جي فراهمي جي نظام تي بريفنگ ڏني وئي. سپريم ڪورٽ مطابق ان دوري سان پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ عدليه وچ ۾ عدالتي سهڪار، فني صلاحيتن، علم جي مٽا سٽا ۽ سکڻ جي عمل کي هٿي ملي جڏهن ته سپريم ڪورٽ پاڪستان انصاف جي فراهمي ۾ ٽيڪنالاجي ذريعي پهچ، شفافيت ۽ عوامي خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.