قراقرم جي چوٽي تي گم ٿيل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري، 4 لاش ڳوليا ويا

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي جابلو سلسلي قراقرم جي براڊپيڪ چوٽي تي برفاني ڇپ ڪرڻ کانپوءِ عالمي جبل چاڙهن جي ٽيم جي ميمبرن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. سرڪاري ذريعن مطابق ريسڪيو اينڊ سرچ آپريشن دوران گم ٿيل 10 جبل چاڙهن مان 4 جا لاش ڳوليا ويا آهن. گم ٿيل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ جاري سرچ اينڊ ريسڪيو مشن جي قيادت مشهور پاڪستان جبل …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي جابلو سلسلي قراقرم جي براڊپيڪ چوٽي تي برفاني ڇپ ڪرڻ کانپوءِ عالمي جبل چاڙهن جي ٽيم جي ميمبرن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. سرڪاري ذريعن مطابق ريسڪيو اينڊ سرچ آپريشن دوران گم ٿيل 10 جبل چاڙهن مان 4 جا لاش ڳوليا ويا آهن. گم ٿيل جبل چاڙهن جي ڳولا لاءِ جاري سرچ اينڊ ريسڪيو مشن جي قيادت مشهور پاڪستان جبل چاڙهو سرباز خان ڪري رهيو آهي. گم ٿيل ٽيم ۾ آمريڪا، نيپال، عمان جي جبل چاڙهن کان علاوه پاڪستاني جبل چاڙهو سهيل سخي به شامل آهي. خميس تي براڊپيڪ سر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جبل چاڙهن جي ٽيم برفاني چپ جي وڪڙ ۾ اچي وئي هئي.