اسلام آباد-31 جولاءِ(اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جمعي تي جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 41 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 84 ھزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 40 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 هزار 100 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 2 لک26 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 45 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 400 ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 80 هزار 600 ڪيوسڪ …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جولاءِ(اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جمعي تي جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 41 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 84 ھزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 40 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 هزار 100 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 2 لک26 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 45 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 400 ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 80 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 66 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 4 لک 26 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 3 لک 86 هزار 900 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 69 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 3 لک 12 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 78 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار 100 ڪيوسڪ آهي. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1537 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.839 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1195.55 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 3.965 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











