وزيراعظم پاران حڪومت جي سُڌارن واري ايجنڊا سڀني ادارن ۾ هڪجهڙي نموني لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ايف بي آر جي جديد ٽريڪنگ سسٽم کي ماڊل بڻائي ملڪ ۾ ٻارڻ جي چُرپر جي سخت نگراني جو نظام جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد - 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت جي سُڌارن واري ايجنڊا کي سڀني ادارن ۾ هڪجهڙي نموني لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ايف بي آر جي جديد ٽريڪنگ سسٽم کي ماڊل بڻائي ملڪ ۾ ٻارڻ جي چُرپر جي سخت نگراني جو نظام جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي ٻارڻ جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ حڪومت …

اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت جي سُڌارن واري ايجنڊا کي سڀني ادارن ۾ هڪجهڙي نموني لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ايف بي آر جي جديد ٽريڪنگ سسٽم کي ماڊل بڻائي ملڪ ۾ ٻارڻ جي چُرپر جي سخت نگراني جو نظام جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي ٻارڻ جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ۾ سڌارن ۽ ادارتي صلاحيت جي بهتري بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس کي خطاب ڪندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته حڪومت جي سُڌارن واري ايجنڊا سڀني ادارن ۾ هڪجهڙي نموني لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ايف بي آر جي جديد ٽريڪنگ نظام کي ماڊل بڻائي ملڪ ۾ ٻارڻ جي چرپر جي سخت نگراني لاءِ هڪ نظام جوڙيو وڃي. هن جديد ٽيڪنالاجي ۽ سافٽ ويئر جي استعمال ذريعي بندرگاهن ۽ ريفائنريز کان پيٽرول پمپن تائين سپلائي چين جي ڊجيٽل نگراني ۽ اوگرا جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ نجي شعبي مان سُٺي ساک رکندڙ ماهر مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اوگرا جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري هر شعبي ۽ عهدي لاءِ ماهرن جي ميرٽ ۽ شفاف طريقي سان مقرري ڪئي وڃي. اوگرا ۾ سڌارن ۽ نئين سر جوڙجڪ لاءِ حڪومت هر قسم جي پيشيوراڻي مهارت فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت عوام جي هڪ هڪ روپئي جي حفاظت ڪندي، ڪنهن کي به عوام جو استحصال ڪرڻ ۽ نظام ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن سڀني ريگيوليٽري ادارن کي پنهنجي لاڳاپيل وزارتن سان باضابطه رابطو قائم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منظور ٿيل پاليسي تحت ملڪ ۾ آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوگرا جي چيئرمين اداري جي موجوده ڪارڪردگي، درپيش چئلينجز ۽ جامع سڌارن واري پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوگرا تيل جي سپلاءِ چين کي بندرگاه کان پيٽرول پمپ تائين ڊجيٽل سسٽم ذريعي مانيٽر ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. نيشنل مانيٽرنگ ڊيش بورڊ، ٽينڪر ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم، ڊيپو ٽينڪ ٽيلي ميٽري، راهگزار موبائل ايپ، پيٽرول پمپن تي ڊجيٽل سيلز انٽري سسٽم ۽ سينٽرل مانيٽرنگ سيل جهڙا ڪيترائي ڊيجيٽل نظام فعال ٿي چُڪا آهن جِن جي ذريعي پيٽروليم شين جي چُرپُر، ذخيرن ۽ وڪري جي موثر نگراني ممڪن بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته جولاءِ 2026ع دوران ڊيٽا تي ٻڌل خصوصي مهم جي نتيجي ۾، ذخيره اندوزي، سپلاءِ ۾ غير ضروري رڪاوٽن ۽ ٻين خلاف ورزين جي ڪيترن ئي واقعن جي نشاندهي ڪئي وئي، جن تي سبب ڄاڻايو نوٽيس، طلبي جُون وضاحتون ۽ ٻيون قانوني ڪارروائيون عمل ۾ آنديُون ويون. اجلاس ۾ اوگرا جي جامع سڌارن واري پروگرام تي پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ اداري جي ڊجيٽلائيزيشن، انفورسمينٽ سسٽم جي نئين سر بحالي، تعميل ونگ جو قيام، لائسنسنگ نظام ۾ سڌارا، قانوني معاملن جو موثر انتظام، مالي وسيلن جي مضبوطي ۽ ادارتي ڍانچي جي ٻيهر جوڙجڪ شامل آهي. وزيراعظم اوگرا پاران پيش ڪيل سڌارن واري پروگرام کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مڪمل شفافيت، موثر نگراني، ذخيره اندوزي ۽ غير قانوني منافع خوري جي خاتمي لاءِ جديد ڊيجيٽل نظام کي جلد کان جلد مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي. هن چيو ته عوام کي ٻارڻ جي بنا رُڪاوٽ فراهمي ۽ منصفاڻين قيمتن کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ ڪا به غفلت يا بدعنواني برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته اوگرا سڌارن ۽ ادارتي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ گهربل قانوني، انتظامي ۽ پاليسي قدمن تي ترجيحي بنيادن تي اڳڀرائي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ريگيوليٽري نظام کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احد خان چيمه، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، خاص مددگار طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.