اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مجموعي قرضن جي ادائگيءَ سبب 229 ملين ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 22.442 ارب ڊالر ٿي ويا. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري رپورٽ موجب 24 جولاءِ 2026ع تي ختم ٿيل هفتي جي پڄاڻيءَ تي ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا مجموعي ذخيرا 22.442 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن …
ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 22.442 ارب ڊالر ٿي ويا: اسٽيٽ بئنڪ
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مجموعي قرضن جي ادائگيءَ سبب 229 ملين ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 22.442 ارب ڊالر ٿي ويا. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري رپورٽ موجب 24 جولاءِ 2026ع تي ختم ٿيل هفتي جي پڄاڻيءَ تي ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا مجموعي ذخيرا 22.442 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 17.0299 ملين ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي تحويل ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.4122 ملين ڊالر آهي. رپورٽ موجب 24 جولاءِ 2026ع تي ختم ٿيل هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 229 ملين ڊالرن جي گهٽتائيءَ سان 17.0299 ملين ڊالر رهجي يوا. اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي پرڏيهي قرضن جي ادائگي سبب ٿي.











