وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خضدار ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران چار دهشتگردن کي مارڻ ۽ بارودي مواد سان ڀريل …

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خضدار ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران چار دهشتگردن کي مارڻ ۽ بارودي مواد سان ڀريل ٻن گاڏين کي وقت سر تباهه ڪري هڪ وڏي دهشتگرد منصوبي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت، جرئت ۽ وقت سر ڪارروائي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ جي هر ڪڌي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو. ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون پوري قوت سان جاري رهن. وزيراعظم چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ جي امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ انهن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.