خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي پرڏيهي وزارت جي فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي جي اهتمام هيٺ مينگو فيسٽيول ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت

ڪراچي - 30 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت جي فارن افيئرز لائزن آفيس (ايف اي ايل او) ڪراچي جي اهتمام هيٺ مينگو فيسٽيول ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو ته فيسٽيول جو انعقاد فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي جي عوامي سفارتڪاري جي قدمن تحت ڪيو ويو جنهن …

ڪراچي – 30 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت جي فارن افيئرز لائزن آفيس (ايف اي ايل او) ڪراچي جي اهتمام هيٺ مينگو فيسٽيول ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو ته فيسٽيول جو انعقاد فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي جي عوامي سفارتڪاري جي قدمن تحت ڪيو ويو جنهن جو مقصد پاڪستان جي شاندار زرعي ورثي کي اجاگر ڪرڻ، ملڪ جي برآمدي صلاحيت کي فروغ ڏيڻ، سفارتي برادري سان رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، پاڪستان جي اقتصادي سفارتڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ بامعنى عوامي رابطن جي ذريعي سفارتڪاري کي سنڌ جي عوام جي ويجهو آڻڻ هو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سفير محمد خالد جمالي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڪراچي ۾ مقرر سفارتي ڪور جي ميمبرن بشمول قونصل جنرلز ۽ اعزازي قونصلز، اعلى سرڪاري عملدارن، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جي نمائندن، ڪاروباري برادري جي ميمبرن، انب برآمد ڪندڙن، پاڪستان فروٽ اينڊ ويجيٽيبل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي نمائندن، پيشيواراڻي تنظيمن، تعليمي شعبي، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي ڊائريڪٽر جنرل فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي محمد عرفان سومرو خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري جا دل سان ٿورا ادا ڪيا ته هن بطور خاص مهمان فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪئي. هن چيو ته خاتون اول جي شرڪت هن تقريب کي خصوصي اهميت عطا ڪئي ۽ اها پاڪستان جي مثبت تشخص کي ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرئين ملڪ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سندس مسلسل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته ايشيا، وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا جي اڳواڻن ۽ خاتون اول سان ملاقاتن ۽ رابطن جي ذريعي بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان جي وقار، همدرديءَ ۽ تعميري رابطن تي ٻڌل قدرن کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته خاتون اول پنهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پنهنجي والد صدر آصف علي زرداري جي شاندار ميراث کي ڀرپور انداز ۾ اڳتي وڌائي رهي آهي. هن چيو ته عوامي خدمت، عاجزي ۽ همدرديءَ جي جذبي سان وابستگي جي ڪري خاتون اول پاڪستان جي نوجوانن خاص طور تي ڇوڪرين ۽ عورتن جي لاءِ هڪ قابل تقليد مثال پڻ آهي. محمد عرفان سومرو چيو ته هي فيسٽيول فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي جي پاڪستان جي زرعي برتري کي اجاگر ڪرڻ، اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ ۽ سفارتڪاري کي سنڌ جي عوام جي ويجهو آڻڻ جي عزم جو مظهر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پرڏيهي وزارت ۽ فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي کي مينگو فيسٽيول منعقد ڪرڻ ۽ سفارتي برادري ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙي نوعيت جا قدم سنڌ جي شاندار زرعي ورثي کي اجاگر ڪرڻ، پاڪستان جي اعلى معيار جي زرعي مصنوعات کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ جي اقتصادي سفارتڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر پليٽ فارم فراهم ڪن ٿا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌ حڪومت اهڙن قدمن جي ڀرپور حمايت جاري رکندي جيڪي پاڪستان جي عالمي تشخص کي بهتر بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي رابطن جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سفير محمد خالد جمالي سنڌ ۾ پرڏيهي وزارت جي سفارتي پهچ کي فروغ ڏيڻ ۾ فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي جي فعال ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ڊائريڪٽر جنرل محمد عرفان سومرو جي قيادت ۾ فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي پرڏيهي وزارت، سنڌ حڪومت، سفارتي ڪور ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ هڪ موثر پُل جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن عوامي سفارتڪاري جي فروغ، سفارتي رابطن ۾ سهولتڪاري ۽ سڄي صوبي ۾ پرڏيهي وزارت جي پهچ کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ڊي جي ايف اي ايل ۽ ان جي ٽيم جي پيشيواراڻي  صلاحيتن، لڳاءُ ۽ قدمن کي ساراهيو. فيسٽيول ۾ پاڪستان جي عالمي شهرت يافته انبن جا مختلف قسم، جن ۾ سنڌڙي، چونسو، لنگڙو، انور رٽول ۽ ٻيا اعلى معيار جا قسم شامل هئا، کي پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي شاندار زرعي ورثي ۽ انبن جي برآمدي صلاحيت کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙ ثقافتي پرفارمنسز، نمائشن، گڏيل رابطن ۽ نيٽ ورڪنگ جي موقعن مان پڻ لطف اندزو ٿيا، جڏهن ته تقريب ۾ لڪي ڊرا جو پڻ اهتمام ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هي فيسٽيول انبن جي سيزن جي پڄاڻي جي ويجهو منعقد ٿيو، تنهن هوندي به آبادگارن، برآمد ڪندڙن ۽ صنعت سان واڳيل حصيدارن جي تعاون سان پاڪستان جي بهترين انبن جي هڪ شاندار ۽ متاثر ڪندڙ ڪليڪشن نمائش ۽ ذائقي جي لاءِ پيش ڪئي وئي. مينگو فيسٽيول هڪ ڀيرو ٻيهر فارن افيئرز لائزن آفيس ڪراچي جي ان عزم کي اجاگر ڪيو ته عوامي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جي مثبت تشخص کي فروغ ڏنو وڃي، سفارتي برادري سان رابطا مضبوط ڪيا وڃن، زراعت، واپار، سيڙپڪاري، سياحت جي شعبن ۾ پاڪستان جي بي پناهه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏنو وڃي ۽ بامعنى عوامي رابطن جي قدمن جي ذريعي سفارتڪاري کي سنڌ جي عوام جي ويجهو آندو وڃي.