اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ سان جمهوريه ڏکڻ ڪوريا جي اعليٰ سطحي وفد خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ بائيو ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، صحت، فارماسيوٽيڪل ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي اڳواڻي ڪي او اي بائيو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چوني …
سينيٽ چيئرمين سان جمهوريه ڏکڻ ڪوريا جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ سان جمهوريه ڏکڻ ڪوريا جي اعليٰ سطحي وفد خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ بائيو ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، صحت، فارماسيوٽيڪل ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي اڳواڻي ڪي او اي بائيو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چوني ڪئي، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جي ناليواري ڪمپنين جي مختلف شعبن سان واڳيل عملدار به وفد ۾ شامل هئا. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ پُراڻن، دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ فني تعاون کي نهايت اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بائيو ٽيڪنالاجي، فارماسيوٽيڪل، صحت، مصنوعي ذهانت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. هن بائيو ٽيڪنالاجي، جديد دواسازي ۽ ڪلينيڪل ريسرچ ۾ ڊگهي مُدي جي حصيداريءَ کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو ته گڏيل منصوبن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ ادارا جاتي تعاون کي وڌايو ويندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ تعليمي ادارن، طبي ادارن ۽ تحقيقاتي مرڪزن سميت ماهرن تي ٻَڌل هڪ باصلاحيت افرادي سگهه موجود آهي جيڪا جديد سائنسي ۽ طبي شعبن ۾ عالمي حصيداريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿي. هن ڏکڻ ڪورين ڪمپنين کي پاڪستان ۾ طبي اوزارن، ڊجيٽل هيلٿ ۽ بائيو ميڊيڪل انجنيئرنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيندي چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. ڏکڻ ڪورين وفد پاڪستان جي وڌندڙ سائنسي صلاحيتن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن کي وڌيڪ تلاش ڪرڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو.









