اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي ٿيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي ٿيل دهشتگرد حملو انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي. ڪي پي ڪي پوليس …
وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پاران هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي ٿيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي ٿيل دهشتگرد حملو انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي. ڪي پي ڪي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جنهن جرائت، پيشيوراڻي مهارت ۽ بهادريءَ سان دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو اهو پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف ان جنگ ۾ وطن تي پنهنجي جان قربان ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو. سندن لازوال قربانيون ڪڏهن به وساريون نه وينديون، منهنجون دلي همدرديون شهيدن جي ڪٽنبن لاءِ گڏ آهن، جڏهن ته زخمي اهلڪارن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابيءَ لاءِ دُعاڳو آهيان. وفاقي وزير چيو ته دهشتگرديءَ جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين پوري قوم پنهنجي بهادر پوليس، پاڪ فوج ۽ـ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ آهي. ان شاءَ الله دهشتگرديءَ جي هر فتني کي شڪست ٿيندي ۽ پاڪستان امن ۽ استحڪام جي منزل ضرور حاصل ڪندو.









