قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزير جي صدارت هيٺ گنڌارا ٻڌمت جو گهوارو حڪمت عملي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس، مقصد پاڪستان کي ان تهذيب جي عالمي مرڪز طور اجاگر ڪرڻ آهي

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي وزيراعظم پاڪستان جي منظوريءَ سان جوڙيل گنڌارا ٻڌمت جو گهوارو حڪمت عملي بابت ٽاسڪ فورس جي افتتاحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان حڪمت عمليءَ جو مقصد پاڪستان جي عظيم گنڌارا ورثي جي تحفظ، ان کي هٿي وٺرائڻ ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مؤثر ترويج کي يقيني بنائڻ آهي. خميس ڏينهن وزارت مان جاري …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي وزيراعظم پاڪستان جي منظوريءَ سان جوڙيل گنڌارا ٻڌمت جو گهوارو حڪمت عملي بابت ٽاسڪ فورس جي افتتاحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان حڪمت عمليءَ جو مقصد پاڪستان جي عظيم گنڌارا ورثي جي تحفظ، ان کي هٿي وٺرائڻ ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مؤثر ترويج کي يقيني بنائڻ آهي. خميس ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ گنڌارا حڪمت عملي تي عملدرآمد لاءِ جامع لائحه عمل تي تفصيلي غور ڪيو ويو، جنهن جو مقصد پاڪستان کي گنڌارا تهذيب جي حقيقي محافظ ۽ ٻڌ ورثي جي عالمي مرڪز طور اجاگر ڪرڻ آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. هن ٻُڌايو ته ٽاسڪ فورس جو هي افتتاحي اجلاس وزيراعظم جي هدايت تي منعقد ڪيو ويو ۽ وزيراعظم پاڻ هر مهيني گنڌارا حڪمت عملي تي ٿيندڙ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺندو. وفاقي وزير سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن تي زور ڀريو ته هو گڏيل تعاون ۽ ڀرپور جذبي سان ان قومي منصوبي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجين بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. هن خاص ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي نمائندن کي جيڪي گنڌارا تهذيب جا اهم مرڪز آهن، ماضيءَ ۾ تعاون تي ٿورو مڃيو ۽ آئينده به بهترين تعاون جي اميد ظاهر ڪئي. اورنگزيب خان کچي گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رُخن لاءِ خصوصي ذيلي ٽاسڪ فورسز قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته عالمي برادريءَ تائين هي مؤثر انداز ۾ پهچائڻ ضروري آهي ته پاڪستان گنڌارا تهذيب جو حقيقي وارث، محافظ ۽ امين آهي. هن مذهبي معاملن واري وزارت جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي حوالي ڪيل معاملن کي جلد کان جلد مڪمل ڪن، ڇاڪاڻ ته حڪمت عمليءَ جي ڪيترن ئي پاسن کي ان جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ جوڙيون وينديون.  وفاقي وزير سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ اجلاسن کان اڳ پنهنجون ذميداريون مڪمل ڪن.

مزید خبریں