اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ٽيڪنالاجي انسانن جي ملازمتن جي جاءِ نه وٺندي پر اهي ماڻهو جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي مؤثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ ڄاڻين ٿا، مستقبل جي افرادي سگهه جي اڳواڻي ڪندا. خميس ڏينهن يو اين وومين جي انتظام هيٺ جينڊر ريسپانسو اي آءِ اسڪول: شموليتي ۽ ذميوار مصنوعي ذهانت …
اي آءِ جي مهارت رکندڙ ماڻهن مستقبل جي افرادي سگهه جي اڳواڻي ڪندا: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ٽيڪنالاجي انسانن جي ملازمتن جي جاءِ نه وٺندي پر اهي ماڻهو جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي مؤثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ ڄاڻين ٿا، مستقبل جي افرادي سگهه جي اڳواڻي ڪندا. خميس ڏينهن يو اين وومين جي انتظام هيٺ جينڊر ريسپانسو اي آءِ اسڪول: شموليتي ۽ ذميوار مصنوعي ذهانت کي هٿي وٺرائڻ جي عنوان سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. جيڪا آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ يو اين وومين جي سهڪار سان ڪوٺائي وئي. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان کي مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل دؤر لاءِ پنهنجي افرادي سگهه کي تيار ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ سڄي ملڪ ۾ مصنوعي ذهانت جي تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي تربيت کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اي آءِ جي تعليم هاڻ صرف ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردن تائين محدود نه رهڻ گهرجي پر هي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ هڪ بنيادي مهارت بڻجي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته اي آءِ بابت علم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جا وسيلا صرف ٽيڪنالاجي جي شعبي تائين محدود نه رهن پر غير هنرمند شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ چونڊ عملي سميت هر شعبي جي پيشيور ماڻهن کي ٽيڪنالاجي جي تبديليءَ موجب پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. شزه فاطمه چيو ته حڪومت جي ترجيح اها آهي ته ٽيڪنالاجي ۽ غير ٽيڪنالاجي ٻنهي شعبن جي شاگردن کي اي آءِ، سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ـ رياضي (اسٽيم) ۽ ٻين اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز بابت بنيادي آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجي پيشيور ۽ روزاني زندگيءَ ۾ ان مان فائدو کڻي سگهن. هن اي آءِ کي هٿي وٺرائڻ ۾ يو اين وومين ترقياتي حصيدارن، صنعت، تعليمي ادارن ۽ آءِ ٽي واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سڄي ملڪ ۾ وڌ کان وڌ استاد تيار ڪيا وڃن ته جيئن هو شاگردن ۽ پيشيور ماڻهن تائين مصنوعي ذهانت جو علم منتقل ڪري سگهن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي هاڻ معاشي ترقي، جدت ۽ پيداواري صلاحيت جو بنياد بڻجي چڪي آهي ۽ـ مينيوفيڪچرنگ، زراعت، صحت ۽ـ مالياتي خدمتن سميت مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌي رهي آهي. شزه فاطمه مصنوعي ذهانت جي تحقيق، جدت ۽ قيادت ۾ عورتن جي وڌ کان وڌ شموليت تي زور ڀريندي چيو ته جيڪڏهن عورتون اي آءِ جي تخليق، تحقيق ۽ فيصلا سازي ۾ شامل نه ٿيون ته اي آءِ نظام نامڪمل ۽ جانبداررهنديون. هن چيو ته اي آءِ نظام انسانن جي علم، تجربي ۽ قدرن جي بنياد تي جڙندي آهي، ان لاءِ ان جي تياريءَ ۾ جدت اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ موبائل انٽرنيٽ استعمال ۾ صنفي فرق گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سندس موجب اهو فرق 2024ع ۾ تقريبن 38 سيڪڙو هو جيڪو 2025ع ۾ 25 سيڪڙو ۽ 2026ع جي ايس ايم اي رپورٽ موجب وڌيڪ گهٽ ٿي 8 سيڪڙو رهجي ويو آهي. هن ان کي دنيا ۾ ڊجيٽل صنفي فرق ۾ ٿيندڙ تيز ترين گهٽتائيءَ مان هڪ قرار ڏنو، جڏهن ته هن چيو ته ان اڳڀرائيءَ باوجود ايس ٽي اي ايم تعليم ۾ ڇوڪرين جي شرڪت اڃا به محدود آهي، جنهن سبب اي آءِ ٽيڪنالاجيز جي تياري ۽ ترقيءَ ۾ سندن نمائندگي گهٽ آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اي آءِ نظام انساني تعصب به پنهنجي اندر منتقل ڪري وٺي ٿو، ان لاءِ ان جي تياريءَ ۾ عورتن ۽ مختلف پس منظر رکندڙ ماڻهن جي شموليت ضروري آهي.










