اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن طرفان 6 مزدورن کي شهيد ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن بيگناهه مزدورن کي شهيد ڪري بدترين وحشت جو مظاهرو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن مزدورن کي نشانو بڻائي …
وفاقي گهرو وزير پاران ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن طرفان 6 مزدورن کي شهيد ڪرڻ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن طرفان 6 مزدورن کي شهيد ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن بيگناهه مزدورن کي شهيد ڪري بدترين وحشت جو مظاهرو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن مزدورن کي نشانو بڻائي نه صرف معصوم جانيون ڦريون آهن پر بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي روزگار تي حملو ڪيو. فتنه الهندستان جا دهشتگرد معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هن چيو ته 6 غير مقامي مزدورن کي بيدرديءَ سان شهيد ڪندڙ درنده ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي وارثن سان آهن. سندس چوڻ هو ته ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ هو شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي.










