مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ داخل نظرثاني درخواست جي صورت ۾ حتمي عدالتي فيصلو چئلينج نٿو ڪري سگهجي: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته مُدو گذري وڃڻ کانپوءِ داخل ڪيل نظرثاني درخواست کي بنياد بڻائي ڪنهن به حتمي عدالتي فيصلي کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته قانون ڪنهن ڌُر کي اها اجازت نٿو ڏئي ته هو مقرر وقت گذرڻ کانپوءِ مختلف فورمن ذريعي حتمي فيصلي کي غير مؤثر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته مُدو گذري وڃڻ کانپوءِ داخل ڪيل نظرثاني درخواست کي بنياد بڻائي ڪنهن به حتمي عدالتي فيصلي کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته قانون ڪنهن ڌُر کي اها اجازت نٿو ڏئي ته هو مقرر وقت گذرڻ کانپوءِ مختلف فورمن ذريعي حتمي فيصلي کي غير مؤثر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان، جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس سيد ارشد حسين تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ محمد اڪرم بنام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ بهاولپور بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ۽ قرار ڏنو ته ليبر ڪورٽ جو 18 اپريل 2008ع جو فيصلو حتمي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، ان لاءِ ڏنل هدايتن کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پينشن ۽ رٽائرمينٽ جا فائدا ڪنهن رٽائر ملازم جو مستحڪم، قابل لاڳو ۽ بنيادي قانوني حق آهي جن کي مجاز عدالت جي واضح حڪم کان بنا روڪي نٿو سگهجي. پينشن جي ادائگي ۾ بنا سبب دير يا غير قانوني رڪاوٽ نه صرف ملازم جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر هي اعليٰ عدليه جي فيصلي کان انڪار ۽ توهينِ عدالت جي برابر ٿي سگهي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواستگذار کي 2008ع ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جڏهن ته مختلف قانوني ڪاررواين سبب هو پنهنجي مڪمل پينشن ۽ ٻيا رٽائرمينٽ وارا فائدا حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو. عدالت قرار ڏنو ته درخواستگذار جي 1992ع کان 2017ع تائين تقريبن 25 سالن جي ملازمت پينشن لاءِ قابل شمار آهي ۽ ان جي اڳوڻي سروس به پينشن جي حساب ۾ شامل ڪئي ويندي. عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته مُدو پورو ٿيڻ کان پوءِ داخل نظرثاني جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ هن خلاف آئيني درخواست داخل ڪري اصل فيصلي جي حيثيت ختم نٿي ڪري سگهجي. عدالت چيو ته قانون جو اهو بنيادي اصول آهي ته هو جيڪو ڪم سڌيءَ ريت نٿو ڪري سگهي ته اهو اڻسڌيءَ ريت به نٿو ڪري سگهجي. ڪنهن به ڪيس جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي پڄاڻي ضروري آهي. وفاقي آئيني عدالت درخواست کي اپيل ۾ تبديل ڪندي منظور ڪري ورتو، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ واضح ڪيو ته ليبر ڪورٽ جي 18 اپريل 2008ع جي فيصلي ۾ ڏنل هدايتون مڪمل طور لاڳو آهن ۽ ان کي ٻيهر چئلينج يا نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

مزید خبریں