اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پشتونخوا ملي عوامي پارٽيءَ (پي ڪي ميپ) جون انٽرا پارٽي چونڊون، آئين ۾ تبديلي ۽ پارٽي اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ ٻُڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پي ڪي ميپ جو وڪيل پيش ٿيو. چيف اليڪشن ڪمشنر وڪيل کان پاور آف اٽارني تي صحيح …
اليڪشن ڪميشن پشتونخوا ملي عوامي پارٽيءَ جون انٽرا پارٽي چونڊون، آئين ۾ تبديلي ۽ پارٽي اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پشتونخوا ملي عوامي پارٽيءَ (پي ڪي ميپ) جون انٽرا پارٽي چونڊون، آئين ۾ تبديلي ۽ پارٽي اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ ٻُڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پي ڪي ميپ جو وڪيل پيش ٿيو. چيف اليڪشن ڪمشنر وڪيل کان پاور آف اٽارني تي صحيح ڪندڙ شخص بابت پُڇا ڪئي، جنهن تي وڪيل ٻُڌايو ته ان تي پارٽيءَ جي چيئرمين جي صحيح ٿيل آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته ڇاڪاڻ ته انٽرا پارٽي چونڊون نه ٿيون، ان لاءِ هن وقت ڪوبه پارٽي چيئرمين موجود ناهي. ڪميشن پاور آف اٽارني رڪارڊ تي وٺڻ ۽ ان جي حيثيت بابت ڌار حڪم جاري ڪرڻ جو اشارو ڏنو. پي ڪي ميپ جي وڪيل جي گذارش تي وڌيڪ دليلن لاءِ ٻُڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.











