اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جو هڪ ملين يوٿ ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽس تيار ڪرڻ جي قومي پروگرام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج نيون پاليسيون بڻائڻ ناهي پر قومي پاليسين تي سياسي تبديلي کان مٿانهون ٿي تسلسل سان مؤثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي …
احسن اقبال جو هڪ ملين يوٿ ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽس تيار ڪرڻ جو اعلان، پاليسين جو تسلسل قومي ترقيءَ جي چاٻيءَ کي قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جو هڪ ملين يوٿ ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽس تيار ڪرڻ جي قومي پروگرام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج نيون پاليسيون بڻائڻ ناهي پر قومي پاليسين تي سياسي تبديلي کان مٿانهون ٿي تسلسل سان مؤثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) پاڪستان ۽ رٿابندي واري وزارت جي سهاڪر سان منعقد ”اسٽريٽجڪ ڊائلاگ ۽ ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽس پاڪستان رپورٽ“ جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ان قومي پروگرام تحت سڄي ملڪ جي نوجوانن کي علم، قائداڻين صلاحيتن، مؤثر ميڊيا ۽ ڪميونٽي انگيجمينٽ جي تربيت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن هو پنهنجي پنهنجي برادرين ۾ تعليم، صحت، صفائي، ماحولياتي تحفظ، آباديءَ بابت آگاهي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن. احسن اقبال چيو ته دنيا جا اهي ملڪ جيڪي ترقي يافته بڻيا انهن پنهنجي قومي ترجيحن ۽ ترقياتي حڪمت عملين تي 10 کان 15 سالن تائين مستقل مزاجي سان عمل ڪيو. هن زور ڀريو ته پاڪستان جي ترقي به ان وقت ممڪن آهي جڏهن قومي پاليسين کي سياسي تبديلين سان محفوظ رکندي تسلسل سان لاڳو ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ان وقت تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي خواندگي جي گهٽ شرح، لکين ٻارن جو اسڪولن کان ٻاهر هجڻ، غذائي کوٽ، هيپاٽائيٽس سي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين سماجي چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، هن موجب انهن مسئلن جو حل صرف بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ نه پر انساني ترقي، سماجي شعور ۽ ذميدار شهري روين کي هٿي وٺرائڻ تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان ان چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع قومي سڌارا جاتي فريم ورڪ آهي جنهن تحت تعليم، صحت، آبادي جي مؤثر انتظام، عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، جديد ٽيڪنالاجي، موسمياتي لچڪ ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ کي قومي ترجيح ڏني پئي وڃي. احسن اقبال ٻُڌايو ته حڪومت قومي آبادي ڪائونسل ذريعي آبادي جي مؤثر انتظام کي هٿي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير کي هيپاٽائيٽس سي کان پاڪ ڪرڻ جي مهم پڻ جاري آهي. هن چيو ته سماجي شعبن ۾ بهتريءَ لاءِ صوبن سان تعاون وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي ۽ هڪ ملين يوٿ ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽس ذريعي سڄي ملڪ ۾ ڪميونٽي سطح تي مثبت سماجي تبديلي جي اڳواڻي کي هٿي ڏني ويندي. وفاقي وزير پاليسي سازن، تعليمي ادارن، ميڊيا جي نمائندن، ترقياتي حصيدارن ۽ سول سوسائٽيءَ تي زور ڀريو ته هو پاڪستان جي پائيدار، جامع ۽ ڊگهي مُدي جي ترقي جي گڏيل قومي ايجنڊا تي متحد ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اڄ اصل امتحان نيون پاليسيون بڻائڻ نه پر انهن تي مستقل ۽ مؤثر عملدرآمد جو آهي، ڪاميابيءَ جو راز صرف هڪ ئي آهي، پاليسيءَ تي عملدرآمد.











