هنگو چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، ڊي ايس پي سميت 9 اهلڪار شهيد، 28  زخمي، 15 دهشتگرد جهنم ڀيڙا

پشاور- 30 جولاءِ (اي پي پي) هنگو ضلعي جي خزينه بانڊه چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ ڊي ايس پي سميت 9 اهلڪار شهيد ۽ 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خيبرپختونخواه جي آءِ جي پوليس ذولفقار حميد موجب فتنه الخوارج جي دهشتگردن گذريل رات پوليس چوڪي تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن پوليس اهلڪار اتي مقرر ڪيا ويا هئا. آءِ جي پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب پوليس …

پشاور- 30 جولاءِ (اي پي پي) هنگو ضلعي جي خزينه بانڊه چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ ڊي ايس پي سميت 9 اهلڪار شهيد ۽ 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خيبرپختونخواه جي آءِ جي پوليس ذولفقار حميد موجب فتنه الخوارج جي دهشتگردن گذريل رات پوليس چوڪي تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن پوليس اهلڪار اتي مقرر ڪيا ويا هئا. آءِ جي پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب پوليس حملي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ فوري طور تي علائقي ۾ امدادي جٿا روانا ڪيا، جڏهن ته دهشتگردن پوليس جٿي تي لڪي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي هڪ گاڏي کي نقصان پهتو، جڏهن ته نقصان باوجود پوليس اهلڪارن بهادري ۽ پيشوراڻين صلاحيتن سان دهشتگردن سان مقابلو جاري رکيو. جوابي ڪاروائي ۾ پوليس 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ۽ ڪيترائي دهشتگرد زخمي پڻ ٿيا آهن. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڊي ايس پي دريا خان سميت 9 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 28 زخمي ٿي پيا. آءِ جي پوليس ذولفقار پوليس فورس جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ڪي پي ڪي پوليس جا حوصلا بلند آهن. هن ان عزم جو پڻ وجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي مڪمل خامتي تائين آپريشن جاري رهندو.