بي آءِ ايس پي جي چيئر پرسن پاران پيپلز پارٽي هريپور ضلعي جي سينيئر نائب صدر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد پيپلز پارٽي هريپورضلعي جي سينيئر  نائب صدر گل حبيب خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي لاڏاڻي کي پارٽي لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو ته هو هڪ مخلص،نظرياتي ۽ وفادار جيالو هو جنهن پنهنجي سياسي زندگي پيپلز پارٽي جي نظرئي …

اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد پيپلز پارٽي هريپورضلعي جي سينيئر  نائب صدر گل حبيب خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي لاڏاڻي کي پارٽي لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو ته هو هڪ مخلص،نظرياتي ۽ وفادار جيالو هو جنهن پنهنجي سياسي زندگي پيپلز پارٽي جي نظرئي ۽ ڪارڪنن جي خدمت لاءِ وقف ڪئي سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.