عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ اضافي جو لاڙو جاري

اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ اضافي جو لاڙو جاري آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ  ڪروڊ آئل جا سيپٽمبر جا معاهدا1.11 ڊالر جي اضافي سان 85.57 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جا سودا 2.28 ڊالر جي اضافي سان 93.02 ڊالرز في بيرل ۾ طئه ٿيا. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ گڏيل لاڙو رڪارڊ ڪيو ويو. …

اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ اضافي جو لاڙو جاري آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ  ڪروڊ آئل جا سيپٽمبر جا معاهدا1.11 ڊالر جي اضافي سان 85.57 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جا سودا 2.28 ڊالر جي اضافي سان 93.02 ڊالرز في بيرل ۾ طئه ٿيا. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ گڏيل لاڙو رڪارڊ ڪيو ويو. ڪاروباري سرگرمين دوران سون جو اگهه 3.60 ڊالرز جي گهٽتائي سان 4093.40 ڊالرز في اونس ۽ چاندي جو اگهه 0.62 ڊالر جي گهٽتائي سان 57.47 ڊالرز في اونس تي اچي ويو. مڪئي جي قيمت ۾ پڻ گهٽتائي جو لاڙو رهيو  ڊسمبر لاءِ سودا 0.25 جي گهٽتائي سان 471.50 ڊالر في بشل ۾ طئه ٿيا، جڏهن ته ڪڻڪ جو اگهه 17 ڊالرن جي اضافي سان 677.75 ڊالرز في بشل تائين پهچي ويو.