اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگو ضلعي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ پوليس ديار خان سميت 9 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم …
وزيراعظم پاران هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگو ضلعي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ پوليس ديار خان سميت 9 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهيدن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي انهن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. وزيراعظم پوليس جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي مارڻ تي خيبرپختونخوا پوليس جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف پوليس سدائين هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي کي مڪمل طور تي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.










