اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سينئر ٽي وي فنڪار محمد احمد سان ڊراما سيريل جي سيٽ تي پيش ايندڙ واقعو نه رڳو قابل مذمت آهي پر انتهائي افسوسناڪ پڻ آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطن جي پليٽ فارم "ايڪس" تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾، هن چيو ته آئُون نوجوان ٽي وي فنڪارن جي لاءِ هڪ مينٽورشپ پروگرام …
سينئر ٽي وي فنڪار محمد احمد سان ڊراما سيريل جي سيٽ تي پيش ايندڙ واقعو مذمت جوڳو ۽ انتهائي افسوسناڪ آهي: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سينئر ٽي وي فنڪار محمد احمد سان ڊراما سيريل جي سيٽ تي پيش ايندڙ واقعو نه رڳو قابل مذمت آهي پر انتهائي افسوسناڪ پڻ آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطن جي پليٽ فارم "ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾، هن چيو ته آئُون نوجوان ٽي وي فنڪارن جي لاءِ هڪ مينٽورشپ پروگرام جي شڪل ۾ هڪ حل پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن جي سربراهي احمد صاحب جهڙو سينئر ٽي وي آرٽسٽ ڪري يا اهڙي طرح جي ڪائونسل قائم ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ تجويزون حاصل ڪرڻ لاءِ جلد ئي ٽي وي آرٽسٽن جو هڪ اجلاس سڏايو ويندو.











