اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي ان ڪڌي ڏوهه جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، انساني اسمگلنگ نه رڳو هڪ قانوني ڏوهه آهي پر اسان جي عهد ۾ انساني حقن جي سنگين ترين خلاف ورزين مان به هڪ آهي. انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي …
انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي ان ڪڌي ڏوهه جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي ان ڪڌي ڏوهه جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، انساني اسمگلنگ نه رڳو هڪ قانوني ڏوهه آهي پر اسان جي عهد ۾ انساني حقن جي سنگين ترين خلاف ورزين مان به هڪ آهي. انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اهو عالمي ڏوهه نه سرحدن جو احترام ڪري ٿو، نه قوميتن جو ۽ نه ئي سماجي يا معاشي حيثيت جو، بهتر مستقبل جي ڳولا ۾ نڪرندڙ معاشي موقعن جا خواهشمند يا تڪرارن کان بچڻ جي لاءِ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي ڏوهاري گروهه بي رحمي سان پنهنجو نشانو بڻائين ٿا. ان جو نتيجو اڪثر قيمتي انساني جانين جي زيان جي صورت ۾ نڪري ٿو، خاص طور تي سامونڊي رستن سان غيرقانوني سفر دوران. اهڙي نوعيت جي وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منتشر ۽ غيرمربوط قدم ڪافي نه آهن پر ان جي لاءِ متحد، مسلسل ۽ عالمي سطح تي ٺوس ردعمل لازمي آهي. صدر چيو ته انساني اسمگلنگ جا بنيادي سبب غربت، مقامي ۽ علائقائي تڪرار، معاشي موقعن جي کوٽ، تعليم جي کوٽ ۽ اميگريشن جي قانوني طريقيڪار بابت آگاهي جو نه هجڻ آهي. جيستائين انهن بنيادي سببن کي سمجهي ان جو موثر تدارڪ نه ڪيو ويندو، ان مسئلي تي ضابطو آڻڻ ممڪن نه آهي. نوجوانن کي آن لائين دوکيبازي جي ذريعي ڦاسائيندڙ سائبر ڏووهاري گروهن جي خاتمي جي لاءِ هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي گهربل آهي جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون موثر ڪارروايون، ڊيجيٽل خواندگي جو فروغ ۽ متبادل معاشي موقعن جي فراهمي شامل هجي. ان حڪمت عملي جو هڪ اهم جز وسيع پئماني تي عوامي آگاهي مهم به هجڻ گهرجي جيڪا خاص طور تي معاشري جي ڪمزور ۽ غربت ۾ ورتل طبقن تائين پهچي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حڪمت عملي کي بنيادي طور تي نئين سر جوڙيو آهي. اسان مقامي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عالمي حصيدارن سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي ته جيئن انساني اسمگلرن جي لاءِ، ڀلي اهي ملڪ جي اندر هجن يا ٻاهرئين ملڪ، ڪا محفوظ پناهگاهه باقي نه رهي. وفاقي جاچ ادارو (ايف آءِ اي) ان جنگ ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪيترن ئي محاذن تي پوري سنجيدگي ۽ عزم سان سرگرم آهي. صدر چيو ته اسان پنهنجي انٽيليجنس صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي ۽ روايتي ردعمل تي ٻڌل طرز عمل کان نڪري اڳواٽ ۽ فعال حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس کي ٽوڙڻ جي اسان جي ڪوششن ۾ نمايان تيزي آئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اهم عنصر گرفتار ٿيا آهن ۽ ڪيترن ئي ڪمزور ۽ بي سهارا متاثرين کي محفوظ بڻايو ويو آهي. هن چيو ته اسان سرحدي نگراني ۽ اميگريشن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائي رهيا آهيون ته جيئن جعلي سفري دستاويزن ۽ شڪي سفري سرگرمين جي وقت سر نشاندهي ڪري متاثرين کي ملڪ کان ٻاهر منتقل ٿيڻ کان اڳ ئي بچائي سگهجي. صدر چيو ته هو هر پاڪستاني کي اپيل ڪري ٿو ته اهي پنهنجي ملڪ جي اک ۽ ڪَن بڻجن. گم ٿيل ٻارن يا استحصال جو شڪار مزدورن جهڙي خطري جي علامتن کي سڃاڻو ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي جي فوري اطلاع لاڳاپيل عملدارن کي ڏيو. هن چيو ته اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته متاثر ماڻهو ڏوهاري نه آهي پر شديد ذهني ۽ جسماني صدمي مان گذرندڙ زندهه بچي ويندڙ انسان آهي. هڪ ذميوار معاشري جي طور تي اسان کي ان سان واڳيل سماجي بدنامي کي ختم ڪرڻو پوندو، انهن سان همدرديءَ جو رويو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ انهن جي بحالي ۽ معاشري جي بهتري لاءِ واضح ۽ موثر رستو فراهم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته اسان کي اهڙو پاڪستان تعمير ڪرڻو آهي جتي اميد، ترقي ۽ حقيقي معاشي موقعا، خاص طور تي نوجوان نسل جي لاءِ، ملڪ جي اندر ئي ميسر هجن. جڏهن وڌيڪ موقعا موجود هوندا ته ڪو خاندان انساني اسمگلرن جي ڄار ۾ ڦاسڻ تي مجبور نه ٿيندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اچو اسان انساني اسمگلنگ جي خلاف پنهنجي جدوجهد جي عزم جو نئين سر ورجاءُ ڪريون، عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪريون ۽ اهڙو پاڪستان جوڙيون جتي هر انساني محفوظ ماحول ۾ غزت، وقار ۽ اطمينان سان زندگي گذاري سگهي.











