اسلام آباد - 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان والي بال ٽيم کي سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ تي پاڪستان والي بال ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ رانديگرن، ڪوچز ۽ ٽيم …
وزيراعظم پاران پاڪستان والي بال ٽيم کي سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان والي بال ٽيم کي سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ تي پاڪستان والي بال ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ رانديگرن، ڪوچز ۽ ٽيم مئنيجمينٽ جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته قومي ٽيم بهترين راند، نظم ۽ ضبط ۽ ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪندي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي هر ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا، حڪومت راندين جي فروغ ۽ نوجوان رانديگرن جي هر ممڪن سرپرستي جاري رکندي. وزيراعظم قومي ٽيم جي لاءِ مستقبل جي مقابلن ۾ به وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










