وفاقي گهرو وزير پاران شهيد ڊي ايس پي مريد بگٽي کي خراجِ عقيدت پيش

اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي وطن لاءِ حياتي جي قرباني ڏيندڙ بهادر شهيد ڊي ايس پي مريد بگٽي کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڊي ايس پي مريد بگٽي بارکان جي علائي رڪني ۾ آپريشن دوران شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو. مرحوم شجاعت، فرض شناسي ۽ قربانيءَ جو لازوال مثال قائم ڪيو آهي. محسن نقوي …

اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي وطن لاءِ حياتي جي قرباني ڏيندڙ بهادر شهيد ڊي ايس پي مريد بگٽي کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڊي ايس پي مريد بگٽي بارکان جي علائي رڪني ۾ آپريشن دوران شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو. مرحوم شجاعت، فرض شناسي ۽ قربانيءَ جو لازوال مثال قائم ڪيو آهي. محسن نقوي چيو ته بارکان ۾ امن خاطر شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي قوم جو فخر آهي. ڊي ايس پي مريد بگٽي شهيد جي عظيم قربانيءَ کي قوم سلام پيش ڪري ٿي ۽ بلوچستان پوليس جي بهادر پُٽ جي قربانيءَ کي هميشه ياد رکيو ويندو. گهرو وزير مرحوم جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں