اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين الوداعي ملاقات ڪئي. سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني بندرگاهن ذريعي ٻه طرفي واپار کي هٿي وٺرائڻ، شپنگ، واپاري سهولت ڪاري ۽ علائقائي رابطا بهتر بنائڻ سميت سامونڊي معاملن جي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان …
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سان قازقستان جي سفير جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين الوداعي ملاقات ڪئي. سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني بندرگاهن ذريعي ٻه طرفي واپار کي هٿي وٺرائڻ، شپنگ، واپاري سهولت ڪاري ۽ علائقائي رابطا بهتر بنائڻ سميت سامونڊي معاملن جي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان ۽ قازقستان جا ناتا مضبوط بنائڻ ۾ سفير جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سامونڊي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان قازقستان سان بندرگاهن، شپنگ، واپار ۾ سهولتڪاري ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. جڏهن ته مضبوط سامونڊي رابطا ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري حلقن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪراچي، پورٽ قاسم ۽ گوادر ذريعي قازق ڪارگو لاءِ بندرگاهي سهولتون ۽ معاونت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته فري زونز ۾ گڏيل رٿائن جي امڪانن کي به تلاش ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني بندرگاهون قازقستان ۽ وچ ايشيا جي ٻين ملڪن لاءِ ٽرانزٽ حب جو ڪردار ادا ڪن ٿيون، نار وارن ملڪن، آفريقي ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي مارڪيٽن تائين پهچ فراهم ڪري سگهن ٿا. قازقستان جي سفير ٻه طرفو واپار وڌائڻ جي وسيع امڪانن تي روشني وجهندي چيو ته سامونڊي ۽ بندرگاهي شعبن ۾ ويجهي سهڪار سان واپار جا نوان رستا کُلي سگهن ٿا. ملاقات ۾ اداره جاتي رابطا مضبوط بنائڻ ۽ پاڪستاني بندرگاهن ذريعي قازق واپار کي آسان بنائڻ لاءِ عملي قدمن تي به غور ڪيو ويو.










