اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاليسين جي عدم تسلسل ترقيءَ جي سفر کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي جڏهن ته پائيدار ترقيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 15 سالن تائين قومي پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي، اُڏام پاڪستان تحت حڪومت ملڪ جي بنيادي سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ …
پاڪستان جي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ پاليسين جو عدم تسلسل آهي، پاليسين جي تسلسل، سماجي سڌارن ۽ نوجوانن جي طاقت سان ئي پاڪستان ترقي ڪندو: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاليسين جي عدم تسلسل ترقيءَ جي سفر کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي جڏهن ته پائيدار ترقيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 15 سالن تائين قومي پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي، اُڏام پاڪستان تحت حڪومت ملڪ جي بنيادي سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمتِ عملي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ تعليم، صحت، آبادي، نوجوان، عورتن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت کي قومي ترقيءَ جو محور بڻايو ويو آهي. اسٽريٽجڪ ڊائلاگ اينڊ لانچ آف ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽ پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ پاليسين جو عدم تسلسل آهي. هن چيو ته حڪومتن جي تبديليءَ سان پاليسي فريم ورڪ به تبديل ڪيو ويندو آهي جنهن سبب ويزن 2020ع ۽ ويزن 2025ع جهڙا اهم ترقياتي منصوبا به سياسي تبديلين جي نذر ٿي ويا. هن چيو ته ڪنهن به قومي منصوبي جي ڪاميابيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 15 سالن تائين پاليسين جو تسلسل ضروري آهي ڇاڪاڻ ته مستقل مزاجي کانسواءِ بهترين منصوبا به گهربل نتيجا نٿا ڏئي سگهن. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو چئلينج ٽُٽل سماجي ۽ اقتصادي ڍانچو آهي ۽ معاشي ترقي ان ئي وقت ممڪن آهي جڏهن اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته سماجي اهڃاڻن ۾ بهترين کانسواءِ پائيدار ترقي جو خواب اڻپورو آهي، ان لاءِ اُڏام پاڪستان تحت بناوتي مسئلن لاءِ جامع سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پاڻي ۽ خوراڪ جو تحفظ سخت خطرن جي ور چڙهيل آهي جڏهن ته صحت جي شعبي ۾ به پاڪستان کي سنگين چئلينجز درپيش آهن. هن ٻُڌايو ته پاڪستان دنيا ۾ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي انگ جي لحاظ کان پهرئين نمبر تي آهي ۽ ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ان مرض جو شڪار آهن. هن اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت اسلام آباد ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ هيپاٽائيٽس فري ريجن بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ان حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. هن پوليو ورڪرز تي حملن کي قومي مفاد خلاف ۽ شرمندگيءَ جو سبب قرار ڏيندي چيو ته بيمارين جي خاتمي لاءِ سماجي روين ۾ تبديلي ۽ عوامي آگاهي انتهائي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻارن جي واڌ ويجهه جو 90 سيڪڙو حصو 5 سالن جي عمر تائين مڪمل ٿي ويندو آهي، ان لاءِ شروعاتي عمر جي بهتر سارسنڀال هڪ ڪامياب معاشري جو بنياد آهي. هن ٻُڌايو ته لاهور ۾ تازين برساتن کان پوءِ ڊرينن مان 4.5 هزار ٽن پلاسٽڪ ڪڍي وئي آهي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پلاسٽڪ ۽ ڪچرو نالين ۾ اُڇلائڻ سان شهري ٻوڏ جهڙا مسئلا جنم وٺن ٿا. سندس چوڻ هو ته انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ سان گڏوگڏ معاشرتي اهڃاڻن ۾ تبديلي به اڻٽر آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ پاڪستان کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڊگهي مُدي، مستقل ۽ پائيدار سڌارن تي ڌيان ڏيڻو پوندو.










