پ پ بنا ثبوتن جي ڌانڌليءَ جا الزام لڳائي شڪست کي لِڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي وٽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو ڪو ثبوت آهي ته ان کي لاڳاپيل قانوني ۽ چونڊ فورمز تي پيش ڪري، بي بنياد الزام عوام جي فيصلي کي تڪراري نٿا بڻائي سگهن. اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر پُراڻي …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي وٽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو ڪو ثبوت آهي ته ان کي لاڳاپيل قانوني ۽ چونڊ فورمز تي پيش ڪري، بي بنياد الزام عوام جي فيصلي کي تڪراري نٿا بڻائي سگهن. اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر پُراڻي روايت ورجائي رهي آهي، بنا ڪنهن ثبوت جي ڌانڌليءَ جا الزام لڳائي شڪست کي لِڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، آزاد ڪشمير جي ماڻهن بيلٽ ذريعي پنهنجو فيصلو ٻُڌايو، پ پ جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ هن ترقي، استحڪام ۽ خدمت جي سياست ۾ اعتماد سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته جيڪڏهن پ پ وٽ واقعي ڪو ثبوت آهي ته ان کي لاڳاپيل قانوني ۽ چونڊ فورمز تي پيش ڪرڻ گهرجي، بي بنياد الزام عوام جي فيصلي کي تڪراري نٿو بڻائي سگهجي.

مزید خبریں