اسلام آباد-29 جولاءِ(اي پي پي)عالمي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل جي اگهه ۾ ٽي سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي جڏهن ته سون، چاندي ۽ جنسن جي اگهه ۾ پڻ تيزي جو لاڙو رهيو. رپورٽ موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جا سيپٽمبر لاءِ معاهدا 2.75 ڊالرز (3.47 سيڪڙو) جي اضافي سان 82.01 ۽ برينٽ ڪروڊ جا سيپٽمبر جا سودا 3.06 …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جولاءِ(اي پي پي)عالمي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل جي اگهه ۾ ٽي سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي جڏهن ته سون، چاندي ۽ جنسن جي اگهه ۾ پڻ تيزي جو لاڙو رهيو. رپورٽ موجب ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جا سيپٽمبر لاءِ معاهدا 2.75 ڊالرز (3.47 سيڪڙو) جي اضافي سان 82.01 ۽ برينٽ ڪروڊ جا سيپٽمبر جا سودا 3.06 ڊالرز (3.64 سيڪڙو) جي اضافي سان 87.15 ڊالرز في بيرل ۾ طئه ٿيا. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 2.60 ڊالر جي اضافي سان 4101.20 ڊالرز في اونس ۽ چاندي جو اگهه 0.69 ڊالرز جي اضافي سان 58.22 ڊالرز في اونس تائين پهچي ويو. ڪاروباري سرگرمين دوران مڪئي جا ڊسمبر لاءِ معاهدا 2.25 ڊالرز جي اضافي سان 482.75 ڊالرز في بشل ۽ مڪئي جا سيپٽمبر جا معاهدا 7.75 ڊالرز جي اضافي سان 670.25 ڊالرز في بشل ۾ طئه ٿيا.










