واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمان خان سان سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن سيڪرٽريٽ جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن (ڪيئرڪ) سيڪرٽريٽ جي وفد ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير ڄمام ڪمال خان کي سيڪريٽريٽ جي ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار، رابطن، سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم علائقائي قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. وفد وفاقي وزير کي آگاه ڪيو ته ايشيائي تر قياتي بينڪ پاران ايندڙ …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن (ڪيئرڪ) سيڪرٽريٽ جي وفد ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير ڄمام ڪمال خان کي سيڪريٽريٽ جي ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار، رابطن، سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم علائقائي قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. وفد وفاقي وزير کي آگاه ڪيو ته ايشيائي تر قياتي بينڪ پاران ايندڙ هفتن ۾ بارڊر ڪنيڪٽوٽي اينڊ لاجسٽڪس اپ گريڊ فيسلٽي جي منظوري جو امڪان آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي سرحدي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ آهي. وفد وفاقي وزير کي ٻڌايو ته پاڪستان ريجنل ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن پاٽنر شپ فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ ۾ سرگرم آهي. اهو فريم ورڪ پنهنجي عملي مرحملي ۾ داخل ٿي رهيو آهي تي جيئن خطي ۾ واپاري سهولتڪاري، لاجسٽڪس جي شعبي ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائي سگهجي. اجلاس ۾ منگوليا ۾ 29 ۽ 30 سيپٽمبر 2026 تي منعقد ٿيندڙ ڪيئرڪ وزارتي ڪانفرنس ۽ بزنس فورم جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڪيئرڪ سيڪٽريٽ وفاقي وزير کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته بزنس فورم ۾ لاجسٽڪس، توانائي جي تحفظ، اهم معدنيات، ڊجيٽل رابطن، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ خانگي شعبي جي گڏيل سهڪار تي ڌيان ڏنو ويندو. وفاقي وزير علائقائي واپار، رابطن ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.