ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو ، جتي هو پنهنجي هم منصب سان اهم ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريلوي ، ٽرانسپورٽ ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪندو . ريلوي وارو وفاقي وزير ترڪيه جي ٽرانسپورٽ واري وزير جي گڏيل سربراهي ۾ اعليٰ …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو ، جتي هو پنهنجي هم منصب سان اهم ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريلوي ، ٽرانسپورٽ ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪندو . ريلوي وارو وفاقي وزير ترڪيه جي ٽرانسپورٽ واري وزير جي گڏيل سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد جي اجلاس ۾ گڏيل منصوبن ۽ گڏيل شراڪتداري تي غور ڪيو ويندو . ريلوي وارو وفاقي وزير ترڪيه جي جديد ريلوي مانيٽرنگ ،آپريشنل ڪنٽرول ۽ سيفٽي سسٽمز جو جائزو وٺندو . وفاقي وزير جديد ريلوي ٽيڪنالاجي ، بوگين ۽ انجڻ سازي ۽ مينيو فيڪچرنگ سهولت جو دورو ڪندو . ترڪيه جي دوري دوران جديد ريلوي ٽيڪنالاجي، سگنلنگ ڊجيٽلائيزيشن ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون . پاڪستان ريلوي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ، آپريشنل صلاحيتن ۾ اضافي ۽ مسافرن کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ ترڪيه جي تجربن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو . جديد بوگين، انجڻ سازي ۽ ريلوي مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ سهڪار ، پاڪستان ريلوي جي مقامي پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو . ترڪيه جي ڪمپنين جي پاڪستان ريلوي جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ، ٽيڪنالاجي ۽ گڏيل منصوبن جي امڪان تي به ڳالهيون ٿينديون . جديد مانيٽرنگ سيفٽي ۽ ڊيجيٽل ريلوي نظام جي مشاهدي سان پاڪستان ريلوي جي جديدڪاري ۽ ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي وڌيڪ هٿي ملندي . ريلوي وارو وفاقي وزير ترڪيه جي جديد شهري ۽ تيز رفتار ريلوي نظام جو جائزو وٺندو ته جيئن مستقبل ۾ پاڪستان ۾ اهڙن منصوبن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي . ترڪيه جو دورو پاڪستان ريلوي کي عالمي معيار مطابق جديد ، محفوظ ، موثر ۽ مسافر دوست ريلوي نظام ۾ تبديل ڪرڻ جي حڪومتي ويزن طرف اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو.