اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار ملاقات ڪئي جنهن دوران مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائزز کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته ايس ايم اي ملڪي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب ايم ايم اي شعبي جي …
وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان فاروق ستار جي ملاقات، مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز کي هٿي وٺائڻ تي غور

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار ملاقات ڪئي جنهن دوران مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائزز کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته ايس ايم اي ملڪي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب ايم ايم اي شعبي جي ترقي لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ايم ايم اي شعبي کي آسان مالياتي سهولتون، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڪاروباري مدد فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت ڪاروباري برادري خاص ڪري مائيڪرو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هارون اختر چيو ته مضبوط ايس ايم اي شعبو ئي پائيدار معاشي ترقي ۽ صنعتي خوشحالي جو ضامن آهي. ملاقات ۾ فاروق ستار ايس ايم اي سيڪٽر جي ترقي لاءِ حڪومتي قدمن جي تعريف ڪئي ۽ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.











