ڪينبرا- 29 جولاءِ (اي پي پي) آسٽريليا جي ڏاکڻي رياست جي اختيارين چيو آهي ته خطرناڪ ايڇ فائيو اين ون برڊ فلو جا 11 نوان شڪي ڪيس سامهون اچڻ بعد ان وائرس جي مقامي سطح تي پکيڙ جو وڌيڪ امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياستي وزير صحافين کي ٻڌايو ته سمورا نوان شڪي ڪيس ” گريٽرڪريٽڊٽرن “ نالي سامونڊي پکين ۾ موجود مليا آهن. انهن مان 7 ڪيس رياست جي …
آسٽريليا ۾ برڊ فلو جي ڪيسن ۾ اضافو، مقامي سطح تي پکڙجڻ جو خطرو

مزید خبریں
ڪينبرا- 29 جولاءِ (اي پي پي) آسٽريليا جي ڏاکڻي رياست جي اختيارين چيو آهي ته خطرناڪ ايڇ فائيو اين ون برڊ فلو جا 11 نوان شڪي ڪيس سامهون اچڻ بعد ان وائرس جي مقامي سطح تي پکيڙ جو وڌيڪ امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياستي وزير صحافين کي ٻڌايو ته سمورا نوان شڪي ڪيس ” گريٽرڪريٽڊٽرن “ نالي سامونڊي پکين ۾ موجود مليا آهن. انهن مان 7 ڪيس رياست جي ڏکڻ اوڀر علائقن جڏهن ته چار ڪيس ايڊيليڊ کان اٽڪل 120 ڪلو ميٽر پري واقع ڪينگروآئز لينڊ ۾ رپورٽ ٿيا آهن . هن چيو ته جيڪڏهن انهن ڪيسن جي تصديق ٿي وڃي ته ڏکڻ آسٽريليا ۾ ايڇ فائيو اين ون مجموعي ڪيسن جو انگ 25 جڏهن ته پوري آسٽريليا ۾ اهو انگ 38 ٿي ويندو . ان وائرس جي ڪيس جي پهريون ڀيرو آسٽريليا جي مرڪزي حصي ۾ جون دوران تصديق ٿي هئي . سندس مطابق ، دستياب شاهديون ظاهر ڪن ٿيون ته نوان ڪيس وائرس جي مقامي سطح تي منتقل ٿيڻ جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته جيتوڻيڪ اها صورتحال کڻتي جوڳي آهي، پر غير متوقع ناهي، ڇو ته دنيا جي ٻين خطن وانگر آسٽريليا ۾ به وائرس جي پکيڙ جو خدشو پهريان کان وڌيڪ موجود هو . هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا ۾ ايڇ فائيو اين ون وائرس لکين پولٽري پکين جي مري وڃڻ جو سبب بڻجي چڪو آهي ۽ 100 کان وڌيڪ کير پياريندڙ جانورن جي قسمن ۾ به تصديق ٿي چڪي آهي . اختيارين ڪيسن ۾ اضافي باجود هيستائين آسٽريليا ۾ ڪنهن به واپاري پولٽري فارم ۾ ايڇ فائيو اين ون وائرس جي موجودگي جي تصديق ناهي ٿي.











