هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ وقت سر اسڪريننگ، ويڪسينيشن ۽ عوامي جاڳرتا انتهائي ضروري آهي: ڊاڪٽر محمد صادق ميمڻ

حيدرآباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد ۾ جاڳرتا بابت هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، مريضن، سندن وارثن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نگهبان فائونڊيشن پاڪستان جي باني ۽ ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن عرفان هارون، ڊاڪٽر محمد صادق ميمڻ جي دعوت تي خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. …

حيدرآباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد ۾ جاڳرتا بابت هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، مريضن، سندن وارثن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نگهبان فائونڊيشن پاڪستان جي باني ۽ ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن عرفان هارون، ڊاڪٽر محمد صادق ميمڻ جي دعوت تي خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي باني ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد صادق ميمڻ چيو ته هيپاٽائيٽس بي ۽ سي اڄ به پاڪستان، خاص طور سنڌ، لاءِ هڪ وڏو عوامي صحت جو چئلينج آهن. هن چيو ته وقت سر اسڪريننگ، هيپاٽائيٽس بي جي ويڪسينيشن، محفوظ طبي طريقن، جراثيم کان پاڪ اوزارن جي استعمال ۽ مؤثر عوامي آگاهي ذريعي هن بيماريءَ جي پکڙجڻ کي وڏي حد تائين روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته هيپاٽائيٽس کي ”خاموش بيماري“ ان ڪري چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ⁠ته ڪيترن ئي مريضن ۾ سالن تائين ڪا واضح علامت ظاهر نٿي ٿئي، جنهن سبب بيماريءَ جي سڃاڻپ دير سان ٿيندي آهي. تنهن ڪري خطري وارن ماڻهن کي علامتن جو انتظار ڪرڻ بدران وقت سر پنهنجا ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجن. ڊاڪٽر صادق ميمڻ وڌيڪ چيو ته غير محفوظ انجيڪشن، بنا اسڪريننگ ڪيل رت جي منتقلي، جراثيم کان پاڪ نه ڪيل طبي ۽ جراحي اوزارن جو استعمال، ۽ حجامن وٽ غير جراثيم ڪش بليڊن جو استعمال اڃا تائين هيپاٽائيٽس جي ڦهلاءَ جا اهم سبب آهن. هن ٻڌايو ته جديد طبي تحقيق جي نتيجي ۾ هاڻي هيپاٽائيٽس سي جو علاج انتهائي اثرائتو ٿي چڪو آهي ۽ گهڻا مريض مڪمل صحتياب ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته هيپاٽائيٽس بي کي به جديد دوائن ذريعي مؤثر نموني ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز صرف معياري علاج تائين محدود ناهي، پر صحتِ عامه بابت تحقيق، بيمارين جي رجحانن تي مسلسل مطالعي ۽ عوامي آگاهي وڌائڻ لاءِ پڻ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. تقريب جي خاص سرگرمين مان هڪ مريضن ۽ سندن ساٿين وچ ۾ منعقد ڪيل انٽرايڪٽو ڪوئز مقابلو هو، جنهن ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ، وقت سر تشخيص، ويڪسينيشن، علاج ۽ جگر جي صحت بابت سوال پڇيا ويا. شرڪت ڪندڙن وڏي دلچسپي سان حصو ورتو ۽ صحيح جواب ڏيندڙن کي انعام پڻ ڏنا ويا. هن سرگرمي جو مقصد عوام ۾ هيپاٽائيٽس بابت شعور پيدا ڪرڻ، احتياطي تدبيرن جي اهميت اجاگر ڪرڻ ۽ صحتمند زندگيءَ جي واڌاري کي هٿي وٺرائڻ هو. ان موقعي تي نگهبان فائونڊيشن پاڪستان جي باني ۽ ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ پبلڪ رليشنز عرفان هارون، ڊاڪٽر محمد صادق ميمڻ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرحان عباسي ۽ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي سموري ٽيم جا ٿورا مڃيندي چيو ته علاج سان گڏ عوامي آگاهي جون اهڙيون سرگرميون وقت جي اهم ضرورت آهن.

مزید خبریں