ڪراچي- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ آپريشن دوران 32 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته هو بهادر جوانن جي عزم، حوصلي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي سلام پيش ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردن کي سندن منطقي انجام تائين پهچايو پيو وڃي ۽ سيڪيورٽي فورسز …
سنڌ جي وڏي وزير پاران خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ آپريشن دوران 32 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
ڪراچي- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ آپريشن دوران 32 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته هو بهادر جوانن جي عزم، حوصلي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي سلام پيش ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردن کي سندن منطقي انجام تائين پهچايو پيو وڃي ۽ سيڪيورٽي فورسز جون جرئت ڀريون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سيڪيورٽي فورسز وڏي بهادري سان ملڪ دشمن عنصرن جو خاتمو ڪري رهيون آهن ۽ قوم کي پنهنجي بهادر سپاهين تي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو ۽ امن، استحڪام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون.










