نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح جي نويڪلائي ۾ ملاقات

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح پرڏيهي وزارت ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪ ڪويت ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح پرڏيهي وزارت ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪ ڪويت ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال خاص طور تي وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.