اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ پرامن ۽ شفاف چونڊون منعقد ٿيون، ڪشمير جي عوام اليڪشن جي ڪال تي ڀرپور انداز ۾ لبيڪ چيو، ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي پرامن ۽ شفاف چونڊون هضم نه ٿيون جنهن تي هن ڪشمير جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان پرتشدد جٿي کي ڪشمير …
ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي آزاد ڪشمير ۾ پرامن ۽ شفاف چونڊون هضم نه ٿيون، انهن جي ايجنڊا ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچائڻ آهي، جنهن ۾ ناڪامي انهن جو مقدر هوندي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ پرامن ۽ شفاف چونڊون منعقد ٿيون، ڪشمير جي عوام اليڪشن جي ڪال تي ڀرپور انداز ۾ لبيڪ چيو، ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي پرامن ۽ شفاف چونڊون هضم نه ٿيون جنهن تي هن ڪشمير جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان پرتشدد جٿي کي ڪشمير جي ترقي، امن ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان نه ختم ٿيندڙ رشتو قبول نه آهي، اهي عنصر ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا جنهن ۾ ناڪامي انهن جو مقدر هوندي. اڱاري ڏينهن هتي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ راولاڪوٽ آزاد ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊ عمل ۾ مرڪزي ڌارا جي سمورين وڏين سياسي پارٽين حصو ورتو، ڪشميري عوام اليڪشن جي ڪال تي ڀرپور انداز ۾ لبيڪ چيو، ميرپور ڊويزن ۾ 6 لک ووٽ ڪاسٽ ٿيا جيڪا تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين وڏا وڏا جلسا ڪيا ۽ چونڊ عمل جون سموريون گهرجون جن ۾ گهر گهر رابطا مهم، ڪارنر ميٽنگز، جلسا، چونڊ آفيسون قائم ڪرڻ ۽ ٻيون سرگرميون شامل آهن، ڀرپور انداز ۾ ڏسڻ ۾ آيون. هن چيو ته ڪشميري عوام جي چونڊ عمل ۾ جوش ڏسڻ وٽان هو. مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي، آءِ پي پي سميت ٻين سياسي پارٽين سياسي طور تي پاڻ کي متحرڪ رکيو. هن چيو ته چونڊن جو پرامن ۽ شفاف انعقاد جوائنٽ ايڪش ڪميٽي کي هضم نه ٿيو، اڄ آزاد ڪشمير حڪومت جي ترجمان ۽ انتظاميا پريس ڪانفرنس ۾ تفصيلن کان آگاهه ڪيو ته هڪ پرتشدد جٿي جنهن کي ڪشمير جي ترقي، امن ۽ پاڪستان سان ان جو نه ختم ٿيندڙ رشتو قبول نه آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد جو رستو اختيار ڪندي ڪشمير جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ڪشميري عوام انهن جي پرتشدد ڪاررواين کي رد ڪندي اليڪشن جو جمهوري رستو اختيار ڪيو جيڪو انهن عنصرن کي قبول نه هو. جڏهن انهن ڏٺو ته چونڊون ڪامياب، آزاداڻي، منصفاڻي ۽ پرامن انداز ۾ منعقد ٿيون ته ان جٿي تشدد جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته ان پرتشدد جٿي کان ممنوعه هٿيار برآمد ٿيا، انهن فائرنگ ڪري امن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته حڪومت پهرين ڏينهن کان چئي رهي آهي ته اهو پرامن احتجاج نه آهي پر هڪ منظم جٿو آهي جيڪو ٻاهرئين ايجنڊا ۽ ڀارتي فنڊنگ جي ذريعي پنهنجي مهم هلائي رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهڙن عنصرن جو مڪروهه چهرو پوري دنيا آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جهڙي طرح آزاد ڪشمير حڪومت واضح ڪيو آهي ته اهڙن عنصرن کي امن امان خراب ڪرڻ، عوام جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ ۽ رياست ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، اهڙي طرح پاڪستان حڪومت به آزاد ڪشمير حڪومت جي موقف جي مڪمل تائيد ڪري ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي اجازت نه آهي ته هو امن امان کي خراب ڪري ۽ تشدد جي زور تي اليڪشن دوران اهڙي طرح جي خرابي پيدا ڪرڻ جي ڪوشس ڪري، انهن جي ايجنڊا کي اسان چڱي طرح سمجهون ٿا، اهي ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته نه ماضي ۾ ڪشمير ڪاز کي ڪڏهن نقصان پهتو آهي ۽ نه هاڻي پهچڻ ڏينداسين، ناڪامي انهن جو مقدر هوندي ۽ ان جٿي جون ڪشمير مخالف پاليسيون ناڪام ٿينديون.









