اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا سان پراڻي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو …
پاڪستان آمريڪا سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا سان پراڻي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ريان زنڪي ۽ مائيڪل بومگارٽنر تي ٻڌل آمريڪي ڪانگريس جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر پڻ موجود هئي. ملاقات دوران وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس ميمبرن کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته سندن دورو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ طرف هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. آمريڪي آزادي جي 250هين سالگرهه تي ڪانگريس ميمبرن ۽ آمريڪي عوام کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم صدر ڊولڊ ٽرمپ جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صدر ٽرمپ جي ان جرئتمنداڻي ۽ فيصلائتي مداخلت جو ذڪر به ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مئي 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو ٿيو ۽ جنگبندي عمل ۾ آئي ۽ جنهن ڪروڙين زندگيون بچائڻ ۾ مدد ڪئي. ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ آمريڪا سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ڪانگريس ميمبرن دوري دوران شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هنن چيو ته صدر ٽرمپ جا پاڪستاني قيادت سان بهترين لاڳاپا آهن جنهن جا ٻطرفي لاڳاپن تي پڻ مثبت اثر پئجي رهيا آهن. هنن علائقائي امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار تي وزيراعظم کي ساراهيو. هنن پاڪستان جو دورو ڪندڙ ڪانگريسي وفدن ۽ آمريڪا جو دورو ڪندڙ پارلياماني وفدن جي انگ ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ايگزيڪيوٽوز جي وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو. وفد ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي، توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن جا نمائندا شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم آمريڪا سان پراڻي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اقتصادي تعاون ٻطرفي لاڳاپن جو مرڪزي ٿنڀ آهي. هن وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي مختلف شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند منصوبن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جنهن جي نمائندگي دورو ڪندڙ آمريڪي ڪاروباري وفد ۾ نمايان طور تي موجود آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ اهم پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. آجياڻي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ۽ اعلى سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا.









