قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان آذربائيجان جي سفير جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اڱاري ڏينهن آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف پارليامينٽ هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ڀائراڻن ناتن، ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر آذربائيجان جي سفير جي خدمتن کي ساراهيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ هن ٻنهي ملڪن وچ …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اڱاري ڏينهن آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف پارليامينٽ هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ڀائراڻن ناتن، ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر آذربائيجان جي سفير جي خدمتن کي ساراهيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا ناتا گڏيل احترام ۽ گڏيل قدمن تي ٻَڌل آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن سميت ٻه طرفن ناتن ۾ واڌ سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي هڪڙو ئي مؤقف رکن ٿا، ٻنهي ڀائر ملڪن علائقائي ۽ عالمي پارلياماني فورمز تي هميشه هڪٻئي جي مؤقف جي حمايت ڪئي آهي، آذربائيجان ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڌندڙ انگ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ وڌندڙ عوامي رابطن جي عڪاسي آهي. اسپيڪر ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ پارلياماني سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سفير، اسپيڪر طرفان تعريف ڪرڻ تي سندس ٿورو مڃيو ۽ هن پنهنجي سفارتي مدي دوران مليل عزت ۽ محبت تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو.

مزید خبریں