وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪاروباري برادري خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ڪندڙن جي قرضن تائين پهچ تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاروباري برادري خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ڪندڙن جي قرضن تائين پهچ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪاروباري شعبي کي قرضن تائين آسان پهچ پائيدار معاشي ترقي جو بنياد آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪاروباري شعبي خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاروباري برادري خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ڪندڙن جي قرضن تائين پهچ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪاروباري شعبي کي قرضن تائين آسان پهچ پائيدار معاشي ترقي جو بنياد آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪاروباري شعبي خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي قرضن تائين پهچ وڌائڻ جي حوالي سان اعلى سطحي جائزه اجلاس اڱاري ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد، پاڪستان بينڪرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاروباري شعبي کي قرضن تائين آسان پهچ پائيدار معاشي ترقي جو بنياد آهي جنهن سان نه رڳو سيڙپڪاري ۽ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ روانگي واپار ۾ پڻ اضافو ممڪن ٿيندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري برادري خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ڪندڙن جي لاءِ قرضن تائين پهچ تيز ڪئي وڃي جيڪا بئنڪ ڪاروباري شعبي خاص طور تي ايس ايم ايز کي سڀ کان وڌيڪ قرض ڏيندي، ان کي هر سال خصوصي ايوارڊ ڏنو ويندو. وزيراعظم ماليات تائين پهچ جي فروغ جي لاءِ ٽي سطحي گورننس ڍانچي جي منظوري پڻ ڏني. مالياتي سهولت جي فراهمي جي حوالي سان اعلى سطحي ڪميٽي جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. اهڙي طرح اي ٽو ايف وڌائڻ جي لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سربراهي ناڻي وارو وزير ڪندو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ان جو شريڪ چيئرمين هوندو. ايس ايم اي، زرعي، آءِ ٽي، نئين توانائي ۽ هائوسنگ فنانسگ جي لاءِ جدا شعباجاتي ذيلي ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جون 2026ع ۾ بئنڪن پاران ايس ايم اي فنانسنگ جو ڪاٿو 1.15 ٽريلين رپين کان وڌائي جون 2028ع تائين 2 ٽريلين رپين تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جون 2028ع تائين ايس ايم اي قرض وٺندڙن جي موجوده انگ کي 3 لک 24 هزار مان وڌائي 7 لک 75 هزار ڪيو ويندو، بئنڪاري قرضن ۾ ايس ايم اي فنانسنگ جو حصو موجوده 9.9 سيڪڙو مان وڌائي جون 2028ع تائين 13 سيڪڙو ڪيو ويندو. بريفنگ موجب بئنڪن جي ڪارڪردگي جانچڻ ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي موثر نگراني ۽ حوصلا افزائي جي لاءِ اسڪورنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو.

مزید خبریں