سرڪاري ۽ نجي بئنڪون پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ وڌ کان وڌ فنانسنگ ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي “وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم” جي جائزه اجلاس ۾ هدايت

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو گهر اسڪيم جي حوالي سان ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ۽ نجي بئنڪون پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ وڌ کان وڌ فنانسنگ ڪن. “وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم” تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جائزه اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو گهر اسڪيم جي حوالي سان ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ۽ نجي بئنڪون پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ وڌ کان وڌ فنانسنگ ڪن. “وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم” تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جائزه اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو کي ڇت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ جي لاءِ “وزيراعظم پنهنجو گهر” اسڪيم جاري ڪئي آهي. هن پنهنجو گهر اسڪيم جي حوالي سان ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سرڪاري ۽ نجي بئنڪون پنهنجو گهر اسڪيم کي ڪامياب ڪرڻ جي حوالي سان وڌ کان وڌ فنانسنگ ڪن. اجلاس ۾ وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم جي فنانسنگ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پنهنجو گهر اسڪيم جي فنانسنگ جي لاءِ بئنڪون هيستائين 204 ارب رپيا منظور ڪري چڪيون آهن جڏهن ته 27 ارب رپين جي فنانسنگ ڪئي وئي آهي. هائوسنگ واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پنهنجو گهر اسڪيم تي اڳڀرائي جو هر هفتي جائزو وٺي رهيا آهن. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.