اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4300 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 27 هزار 436 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 27 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3687 رپين جي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4300 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4300 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 27 هزار 436 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 27 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3687 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 70 هزار 144 رپين مان گهٽجي 3 لک 66 هزار 457 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 39 هزار 311 رپين مان گهٽجي 3 لک 35 هزار 931 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 174 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6223 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 149 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5335 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4093 ڊالرز مان گهٽجي 4050 ڊالرز ٿي وئي.










