وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آذربائيجان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آذربائيجان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خضر فرهادوف الوداعي ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي ترجمان مطابق ڄام ڪمال خان آذربائيجان جي سفير کي ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ غير معمولي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا خضر فرهادوف جي دور ۾ تاريخي بلندين تائين پهتا، پاڪستان …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آذربائيجان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خضر فرهادوف الوداعي ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي ترجمان مطابق ڄام ڪمال خان آذربائيجان جي سفير کي ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ غير معمولي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا خضر فرهادوف جي دور ۾ تاريخي بلندين تائين پهتا، پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ اٺين گڏيل وزارتي ڪميشن، ترجيحي معاهدي ۽ 15 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن معاشي تعاون کي نئين جدت ڏني. آذربائيجان جي سفير چيو ته سيڙپڪارن کي پاڪستان جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ صنعتي مرڪزن جي دورن جي دعوت ڏني آهي، آذربائيجان جي پاڪستان ۾ تجويز ڪيل سيڙپڪاري، خاص ڪري توانائي جي شعبي ۾ جلد عملي شڪل اختيار ڪندي. هن چيو ته پاڪستان توانائي، انفراسٽرڪچر، مينيوفيڪچرنگ، سياحت ۽ لاجسٽڪس ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. ڄام ڪمال، خضر فرهادوف جي ڪامياب سفارتي خدمتن کي پاڪستان – آذربائيجان لاڳاپين جو هڪ سنهري باب قرار ڏنو ۽ خضر فرهادوف لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.