اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) آبي وسيلن واري وفاقي وزير ميان معين وَٽُو چيو آهي ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو وقت جي اهم ضرورت آهي، ديامر ڀاشا ڊيم جهڙا منصوبا پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سگهه وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي وفاقي وزيرن سان گڏ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي …
ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو وقت جي اهم ضرورت آهي: ميان معين وَٽُو

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) آبي وسيلن واري وفاقي وزير ميان معين وَٽُو چيو آهي ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو وقت جي اهم ضرورت آهي، ديامر ڀاشا ڊيم جهڙا منصوبا پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سگهه وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي وفاقي وزيرن سان گڏ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ طرف ٻوڏ جي صورتحال ته ٻئي طرف پاڻي جي کوٽ جهڙا چئلينجز درپيش آهن، جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي جو معاملو به اهم نوعيت جو آهي. هن چيو ته اهي سمورا چئلينجز هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ان ڪري پاڻي جي وسيلن جو اثرائتو نظام اڻٽر ۽ ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي. هن مختلف آبي منصوبن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ديامر ڀاشا ڊيم وڏو منصوبو آهي، جنهن ۾ 6.4 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي، داسو منصوبو به اهم نوعيت جو آبي منصوبو آهي، جڏهن ته مهمند ڊيم ۾ اٽڪل 1 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي. انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان نه صرف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو پر پاڻي جي فراهمي به بهتر ٿيندي. هن چيو ته ڪراچي جو ڪي – 4 منصوبو به اهم نوعيت رکندڙ آهي جيڪو هلندڙ سال جي پڄاڻي يا ايندڙ سال تائين مڪمل ٿي ويندو جنهن سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.











