اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام،آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ن ليگ جي واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ تي ڪشميري عوام جو دلي ٿورو ادا ڪيان ٿو. هن هڪ بيان ۾ چيو ته آزاد ڪشمير جي غيرتمند عوام مسلم ليگ(ن)جي قائد ميان محمد نواز شريف جي مدبراڻي قيادت، عوامي خدمت ۽ ترقي جي ويزن …
آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ مسلم ليگ(ن) جي واضح اڪثريت تي ڪشميري عوام جو ٿورائتو آهيان: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام،آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ن ليگ جي واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ تي ڪشميري عوام جو دلي ٿورو ادا ڪيان ٿو. هن هڪ بيان ۾ چيو ته آزاد ڪشمير جي غيرتمند عوام مسلم ليگ(ن)جي قائد ميان محمد نواز شريف جي مدبراڻي قيادت، عوامي خدمت ۽ ترقي جي ويزن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي ن ليگ کي شاندار ڪاميابي ڏياري آهي. انجنيئر امير مقام چيو ته اها ڪاميابي عوام جي اعتماد، پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن جي اڻٿڪ محنت ۽ مسلم ليگ(ن) جي عوام دوست پاليسين جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته هو ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جي سياست تي يقين رکن ٿا. وفاقي وزير چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ سمورن اميدوارن کي دلي مبارڪون پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو عوامي اميدن تي پورو لهندي ديانتداري، خدمت ۽ ميرٽ کي پنهنجي ترجيح بڻائيندا ۽ آزاد ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن، عهديدارن ۽ چونڊ مهم ۾ حصو وٺندڙ سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلم ليگ(ن) عوام جي خدمت، قومي يڪجهتي ۽ ڪشمير ڪاز لاءِ پنهنجي جدوجهد انهي جذبي سان جاري رکندي. هن چيو ته اسان چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ ۽ ناڪاري رويي کي رد ڪرڻ تي آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام جا ٿورائتا آهيون، آزاد ڪشمير جي غيور عوام مسلم ليگ(ن) تي اعتماد ڪيو آهي.











